پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي، 100 انڊيڪس 3881.05 پوائنٽس جو اضافو

اسلام آباد-25 مئي (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سومر ڏينھن ڪاروباري هفتي جي شروعات تي تيزي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 3881.05 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 171725.29 پوائنٽس تي بند ٿيو. مجموعي طور تي 563 ڪمپينن جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، 345 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 107 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 111 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 1209.13 پوائنٽس جي …

اسلام آباد-25 مئي (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سومر ڏينھن ڪاروباري هفتي جي شروعات تي تيزي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 3881.05 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 171725.29 پوائنٽس تي بند ٿيو. مجموعي طور تي 563 ڪمپينن جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، 345 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 107 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 111 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 1209.13 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 51517.13 پوائنٽس ۽ اسلامي ماليات رکندڙ ڪي ايم آءِ 30 انڊيڪس 5524.54 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 246565.70 پوائنٽس تي بند ٿيو. ڪاروباري سرگرمين دوران 506.35 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جنهن جي ماليت 31.14 ارب رپيا هئي، فيوچر ٽريڊنگ تحت 18.44 ارب رپين جي ليتي ڏيتي ٿي. بئنڪ آف پنجاب جي 27289910 شيئرز، فرسٽ نيشنل ايڪويٽيز لميٽيڊ جي 25566304 شيئرز ۽ پاڪستان انٽرنيشنل بلڪ ٽرمينل جي 24880827 شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي.

مزید خبریں