پاڪستان ۽ چين جي دوستي بدلجندڙ دنيا ۾ امن، استحڪام ۽ گڏيل خوشحالي جي لاءِ مضبوط قوت بڻيل رهندي: وزيراعظم شهباز شريف

بيجنگ - 25 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي بدلجندڙ دنيا ۾ امن، استحڪام ۽ گڏيل خوشحالي جي لاءِ مضبوط قوت بڻيل رهندي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته بيجنگ ۾ صدر شي جن پنگ سان سندس اهڙي وقت ۾ انتهائي پرجوش ۽ خوشگوار ملاقات ٿي جڏهن پاڪستان ۽ چين سفارتي لاڳاپن جي …

بيجنگ – 25 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي بدلجندڙ دنيا ۾ امن، استحڪام ۽ گڏيل خوشحالي جي لاءِ مضبوط قوت بڻيل رهندي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته بيجنگ ۾ صدر شي جن پنگ سان سندس اهڙي وقت ۾ انتهائي پرجوش ۽ خوشگوار ملاقات ٿي جڏهن پاڪستان ۽ چين سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن، ان ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پڻ مون سان گڏ هئا. وزيراعظم چيو ته هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته تعاون تي ٻڌل پاڪ چين اسٽريٽجڪ حصيداري پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي ٿنڀ آهي. وزيراعظم چيو ته هن صدر شي جن پنگ جا پاڪستان جي مخلصاڻي امن ڪوششن جي مستقل حمايت تي ٿورا ادا ڪيا ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ سندس بصيرت افروز چار نقاطي تجويز کي تمام گهڻو ساراهيو، اسان اسٽريٽجڪ رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، سي پيڪ جي اعلى معيار جي ترقي کي اڳتي وڌائڻ ۽ صنعت، زراعت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، صاف توانائي، ڊيجيٽل تبديلي ۽ خلائي تعاون جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ مون صدر شي جن پنگ جي سندس تاريخي عالمي قدمن کي پڻ ساراهيو جيڪي سڄي دنيا ۾ امن، ترقي ۽ گڏيل خوشحالي جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي بدلجندڙ دنيا ۾ امن، استحڪام ۽ گڏيل خوشحالي جي لاءِ هڪ مضبوط قوت بڻيل رهندي.

مزید خبریں