اسلام آباد-25 مئي (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته اوڳاڙين ۾ واڌ، ٽيڪس نيٽ کي هٿي ڏيڻ، لاڳو ڪرڻ جي نظام کي اثرائتو بڻائڻ ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻَڌل شفاف نظام لاڳو ڪرڻ حڪومت جي مالياتي سڌارن واري پروگرام جا بنيادي ٿنڀ آهن، حڪومت پاليسيءَ ۾ تسلسل ۽ تعميل جي نظام کي مضبوط بنائڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن اها ڳالهه ناڻي وزارت ۾ …
اوڳاڙين ۾ واڌ، ٽيڪس نيٽ کي هٿي ڏيڻ، لاڳو ڪرڻ جي نظام کي اثرائتو بڻائڻ ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻَڌل شفاف نظام لاڳو ڪرڻ حڪومت جي مالياتي سڌارن واري پروگرام جا بنيادي ٿنڀ آهن: سينيٽر محمد اورنگزيب

مزید خبریں
اسلام آباد-25 مئي (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته اوڳاڙين ۾ واڌ، ٽيڪس نيٽ کي هٿي ڏيڻ، لاڳو ڪرڻ جي نظام کي اثرائتو بڻائڻ ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻَڌل شفاف نظام لاڳو ڪرڻ حڪومت جي مالياتي سڌارن واري پروگرام جا بنيادي ٿنڀ آهن، حڪومت پاليسيءَ ۾ تسلسل ۽ تعميل جي نظام کي مضبوط بنائڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن اها ڳالهه ناڻي وزارت ۾ پاڪستان ٽوبيڪو ڪمپني (پي ٽي سي) وفد سان ملاقات ۾ چئي. وفد جي قيادت ايريا ڊائريڪٽر ۽ جنرل مئنيجر عثمان ظهور ڪري رهيو هو جڏهن ته وفد ۾ مارڪيٽنگ، ڪارپوريٽ معاملن ۽ مالياتي معاملن بابت سينيئر عملدار به شامل هئا. ملاقات دوران وفاقي وزير حڪومت جي تمام وڏن مالياتي سڌارن واري ايجنڊا تي روشني وڌي، جنهن جو مقصد محصولن ۾ واڌ، ٽيڪس نيٽ کي هٿي ڏيڻ، لاڳو ڪرڻ جي نظام کي اثرائتو بنائڻ ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻَڌل شفاف واري نظام ذريعي مالياتي نظم ۽ نسق کي بهتر بنائڻ آهي. هن چيو ته ٽيڪس انتظاميه ۾ جاري سڌارا جيڪا ماڻهن، طريقيڪار ۽ ٽيڪنالاجيءَ تي ٻَڌل آهن، جي تعميل کي بهتر بنائڻ، مالياتي بي ضابطگين کي گهٽ ڪرڻ ۽ معيشت جي سمورن شعبن ۾ منصفاڻن محصولن جي وصولي يقيني بنائڻ لاءِ متعارف ڪرايون پيون وڃن. ناڻي واري وزير چيو ته ڊجيٽلائيزيشن، ٽيڪنالاجيءَ تي ٻَڌل نگراني جي نظام ۽ لاڳاپيل ادارن جي مربوط ڪاررواين عيوض لاڳو ڪرڻ جا قدم وڌيڪ اثرائتا بڻيا آهن جنهن جي نتيجي ۾ مختلف شعبن ۾ تعميل ۽ محصولن جي وصوليءَ ۾ بهتري آئي آهي. هن نشاندهي ڪئي ته کنڊ، سيمينٽ، شربتن، ٽيڪسٽائل ۽ تماڪ سميت مختلف صنعتن ۾ لاڳو ڪرڻ وارا قدم غير قانوني ۽ غير دستاويزي معاشي سرگرمين جي روڪٿام ۾ مددگار ثابت ٿي رهيا آهن. پي ٽي سي جي وفد حڪومت جي سڌارن ۽ لاڳو ڪرڻ جي ڪوششن کي ساراهيندي تماڪ جي شعبي بابت مختلف معاملن تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو جنهن ۾ ايڪسائيز ڊيوٽي، غير قانوني واپار، مارڪيٽ جي صورتحال ۽ روانگي واپار واري چٽاڀيٽي شامل هئا. وفد غير قانوني ۽ قاعدن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ڌُرين خلاف تازن قدمن کي هاڪاري قرار ڏيندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته رسمي معيشت کي هٿي وٺرائڻ ۽ جٽادار محصولن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ مستحڪم ۽ اڳواٽ جوڳا ٽيڪس نظام اڻٽر آهن. ڳالهين دوران ريگيوليٽري ۽ ٽيڪس بابت معاملن، چٽاڀيٽي جي شعبن، مارڪيٽ، رجحانن ۽ غير دستاويزي معيشت ۾ سرگرم غير قانوني شين جي حصي کي گهٽ ڪرڻ لاءِ اثرائتو لاڳو ڪرڻ جي اهميت تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ڌُرين وفاقي ۽ صوبائي ادارن وچ ۾ مضبوط نظام لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان به راين جي مٽاسٽا ڪئي. وفاقي وزير ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته محصولن ۾ واڌ ۽ ان تي اثرائتو لاڳو ڪرڻ حڪومت جي مالياتي سڌارن وارن پروگرام جا بنيادي ٿنڀ آهن. هن چيو ته حڪومت پاليسيءَ ۾ تسلسل ۽ تعميل جي نظام کي مضبوط بنائڻ لاءِ پُرعزم آهي جڏهن ته هر شعبي بابت تجويزن جو جائزو، مجموعي مالياتي هدفن ۽ قومي اقتصادي ترجيحن کي نظر رکندي ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ تماڪ جي شعبي ۽ ان سان واڳيل ويليو ايڊڊ شين جي روانگي واپاري صلاحيت ۽ سيڙپڪاريءَ جي موقعن تي ڳالهيون ٿيون. وفد ڪجهه شين لاءِ پاڪستان جي علائقائي مينيوفيڪچرنگ ۽ روانگي واپاري مرڪز طور تي ڪردار کي اجاگر ڪيو ۽ عالمي مارڪيٽن ۾ موجود موقعن جي حوالي سان پنهنجا خيال پيش ڪيا. ان کان علاوه علائقائي سطح تي لاڳو ڪرڻ بابت تجربن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير وفد جي تجويزن ۽ راين کي ساراهيندي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت رسمي ڪاروباري شعبي سان مسلسل صلاح مشورا جاري رکندي ته جيئن سيڙپڪاري، روانگي واپار، صنعتي سرگرمين ۽ جٽادار اقتصادي ترقيءَ کي هٿي ڏئي سگهجي.











