حڪومت پاليسي جي تسلسل، مالياتي نظم و ضبط ۽ سڌارن واري ايجنڊا تي پوريءَ طرح عمل ڪري رهي آهي: سينيٽر محمد اورنگزيب

اسلام آباد-25 مئي (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان پاڪستان ۾ برطانيه جي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان ۽ برطانيه ٻه طرفي سهڪار، اقتصادي سڌارن، علائقائي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي جاري رابطن بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران وفاقي وزير بدلجندڙ عالمي اقتصادي صورتحال ۽ ان جي پاڪستان جي معيشت تي امڪاني …

اسلام آباد-25 مئي (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان پاڪستان ۾ برطانيه جي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان ۽ برطانيه ٻه طرفي سهڪار، اقتصادي سڌارن، علائقائي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي جاري رابطن بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران وفاقي وزير بدلجندڙ عالمي اقتصادي صورتحال ۽ ان جي پاڪستان جي معيشت تي امڪاني اثرن خاص ڪري علائقائي جاگرافيائي ۽ سياسي اڳڀرائي ۽ توانائيءَ جي عالمي مارڪيٽن ۾ لاهن چاڙهن جي روشنيءَ ۾ حڪومت جو مؤقف پيش ڪيو. هن معيشت ۾ استحڪام برقرار رکڻ، پرڏيهي شعبي تي دٻاءُ کي اثرائتي انداز ۾ سنڀالڻ ۽ ڊگهي مُدي واري اقتصادي اؤسر ۽ پائيداري لاءِ جاري سڌارن وارن عمل کي برقرار رکڻ لاءِ حڪومت جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. سينيٽر محمد اورنگزيب اهم اقتصادي اهڃاڻن ۾ بهتريءَ جو ذڪر ڪندي پرڏيهي کاتن ۾ استحڪام، پرڏيهه مان اُماڻيل ناڻي ۾ مسلسل مضبوط ۽ سيڙپڪارن جي وڌندڙ اعتماد کي نمايان ڪيو. هن برطانوي هاءِ ڪمشنر کي ٽيڪس نيٽ کي هٿي ڏيڻ، محصولن ۾ واڌ، تعميل جي نظام کي مضبوط بنائڻ ۽ ٽيڪنالاجيءَ تي ٻَڌل سڌارن ۽ ڊجيٽلائيزيشن ذريعي شفافيت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ کنيل قدمن کان به ڪيو. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته حڪومت پاليسي جي تسلسل، مالياتي نظم و ضبط ۽ سڌارن واري ايجنڊا تي پوريءَ طرح عمل ڪري رهي آهي . ان سلسلي ۾ سرڪاري شعبي جي ڪارڪردگي بهتر بنائڻ، اداره جاتي رابطن کي مضبوط ڪرڻ ۽ نجي شعبي جي قيادت ۾ اقتصادي ترقي ۽ سيڙپڪاريءَ لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن. ڳالهين دوران سڌارن واري ايجنڊا لاءِ عوامي حمايت برقرار رکڻ ۾ اثرائتن ذريعن ۽ عوامي رابطن جي اهميت تي به زور ڀريو ويو. علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي ۽ ان جي اقتصادي ۽ انساني اثر به ملاقات ۾ بحث هيٺ آيا. ڌُرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته اقتصادي استحڪام ۽ عالمي سپلاءِ چين کي درپيش اُڀرندڙ چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ ڳالهين، عالمي سهڪار ۽ مضبوط ڪوششون انتهائي اهم آهن. برطانوي هاءِ ڪمشنر علائقائي معاملن تي پاڪستان جي مسلسل هاڪاري ڪردار کي ساراهيندي پاڪستان جي اقتصادي سڌارن ۽ ترقياتي ترجيحن لاءِ برطانيه جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ موسمياتي پائيداري، آباديءَ جي رٿابندي، سماجي شعبي ۾ رابطا ڪاري ۽ عالمي مالياتي ادارن سان سهڪار بابت معاملن تي به ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي ٻنهي ڌُرين طرفان پاڪستان ۽ برطانيه جي ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۽ اقتصادي، ترقياتي ۽ اداره جاتي شعبن ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو.

مزید خبریں