مڪه مڪرمه-25 مئي (اي پي پي) مملڪتي وزير ۽ وزيراعظم جي ڊجيٽل ميڊيا بابت خاص مددگار فهد هارون، مڪو شريف ۾ صوماليه جي نائب وزيراعظم صلاح احمد جامع سان غير رسمي ملاقات ڪئي آهي. اها ملاقات خوشگوار ماحول ۾ ٿي، جنهن ۾ گڏيل خيرسگالي ۽ احترام جو اظهار ڪيو ويو. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ايڪس“ تي شيئر ڪيل پوسٽ مطابق ملاقات دوران ٻنهي طرفان خوشگوار ماحول ۾ مختلف معاملن تي …
مملڪتي وزير فهد هارون جي مڪو شريف ۾ صوماليه جي نائب وزيراعظم سان ملاقات

مزید خبریں
مڪه مڪرمه-25 مئي (اي پي پي) مملڪتي وزير ۽ وزيراعظم جي ڊجيٽل ميڊيا بابت خاص مددگار فهد هارون، مڪو شريف ۾ صوماليه جي نائب وزيراعظم صلاح احمد جامع سان غير رسمي ملاقات ڪئي آهي. اها ملاقات خوشگوار ماحول ۾ ٿي، جنهن ۾ گڏيل خيرسگالي ۽ احترام جو اظهار ڪيو ويو. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ايڪس“ تي شيئر ڪيل پوسٽ مطابق ملاقات دوران ٻنهي طرفان خوشگوار ماحول ۾ مختلف معاملن تي خيالن ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن ۽ عوامي سطح تي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي اهميت تي زور ڀريو ويو. ملاقات ۾ سنڌ جو گورنر سيد نهال هاشمي، سردار قادر، نصير هاشمي ۽ صوماليه جي نائب وزيراعظم جي گهرواري به شريڪ هئي. اها ملاقات پاڪستان ۽ صوماليه وچ ۾ ڀائي چاري ۽ سهڪار جي جذبي جي عڪاس هئي.











