حج اسلام جو عظيم رُڪن، الله جي اطاعت، ايثار، قرباني، صبر، مساوات ۽ اخوت جو بي مثال عملي مظهر آهي: سينيٽ چيئرمين

اسلام آباد-25 مئي (اي پي پي) سينٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني حج جي عظيم ميڙ ۽ عرفات جي ڏينهن جي بابرڪت موقعي تي پاڪستان سميت سڄي دنيا جي مسلمانن ۽ حاجين کي دلي وڌايون پيش ڪندي چيو آهي ته حج اسلام جو عظيم رُڪن، الله پاڪ جي اطاعت، ايثار، قرباني، صبر، مساوات ۽ اخوت جو بي مثال عملي مظهر آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين چيو …

اسلام آباد-25 مئي (اي پي پي) سينٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني حج جي عظيم ميڙ ۽ عرفات جي ڏينهن جي بابرڪت موقعي تي پاڪستان سميت سڄي دنيا جي مسلمانن ۽ حاجين کي دلي وڌايون پيش ڪندي چيو آهي ته حج اسلام جو عظيم رُڪن، الله پاڪ جي اطاعت، ايثار، قرباني، صبر، مساوات ۽ اخوت جو بي مثال عملي مظهر آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته هي مقدس فرض مسلمانن کي الله تعاليٰ جي رضا، انسانيت جي خدمت ۽ مسلم اُمت جي اتحاد ۽ يڪجهتيءَ جو درس ڏئي ٿو. هن چيو ته عرفات جو ڏينهن الله تعاليٰ جي رحمتن، بخشش ۽ دُعائن جي قبوليت جو عظيم ڏينهن آهي. ان مبارڪ موقعي تي لکين مسلمان عرفات جي ميدان ۾ پنهنجي رب آڏو عاجزي ۽ بندگيءَ جو اظهار ڪن ٿا. اهو منظر مسلمان اُمت جي اتحاد، مساوات ۽ عالمگير ڀائيچاري جي اهڙي روشن تصوير پيش ڪري ٿو جتي رنگ، نسل، زبان، قوميت ۽ جاگرافيائي فرق جون سموريون ديوارون مِٽجي وڃن ٿيون ۽ سمورا مسلمان هڪ الله آڏو سجدي ۾ ڪِري پون ٿا. سينيٽ چيئرمين حاجين ۽ پوري مسلم اُمت کان خاص دُعائن جي اپيل ڪندي چيو آهي ته الله تعاليٰ پاڪستان کي امن، استحڪام ۽ ترقيءَ جي راهه تي گامزن رکي ۽ دنيا کي جنگين، نفرتن ۽ تباهيءَ کان محفوظ فرماءِ. هن چيو ته هي انتهائي بابرڪت ڏينهن آهي، جنهن ۾ الله تعاليٰ پنهنجي ٻانهن جون دُعائون قبول ڪري ٿو، خاص ڪري حاجين جون دُعائون الله وٽ خاص مقام رکن ٿيون. دُعا آهي ته الله تعاليٰ پوري دنيا ۾ امن، محبت ۽ انسانيت کي هٿي وٺرائڻ کي يقيني بنائي ۽ اسان سڀني کي هدايت، خير ۽ ڀلائيءَ جي رستي تي هلڻ جي توفيق عطا فرماءِ. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته حضرت ابراهيم ۽ حضرت اسماعيل عليه السلام جي لازوال قرباني، اطاعت ۽ رضا جو پيغام اڄ به پوري انسانيت لاءِ مشعل راهه آهي. حج اسان کي اهو درس ڏئي ٿو ته الله جي تعاليٰ جي رضا، اعليٰ انساني قدرن ۽ حق ۽ سچ جي سربلنديءَ لاءِ هر قسم جي قربانيءَ جو جذبو پنهنجي اندر پيدا ڪيو وڃي. هن چيو ته موجوده عالمي حالتن ۾ مسلم اُمت کي اتحاد، گڏيل احترام، رواداري ۽ ڀائيچاري جي سخت ضرورت آهي. حج جو عظيم پيغام اسان کي اختلافن کان مٿانهون ٿي گڏيل اسلامي قدرن کي هٿي وٺرائڻ، اسلام جي استحڪام ۽ انسانيت جي فلاح لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي تلقين ڪري ٿو. سينيٽ چيئرمين بيت الله جي زيارت ۽ حج جي رڪن جي سعادت حاصل ڪندڙ سمورن خوشنصيب حاجين کي واڌايون پيش ڪندي چيو ته حج هڪ عظيم روحاني سفر ۽ الله تعاليٰ جي خاص نعمت آهي. دُعا آهي ته الله تعاليٰ سمورن حاجين جي عبادت، دُعائن، قربانين ۽ نيڪ خواهشن کي پنهنجي بارگاهه ۾ قبول فرماءِ، سندن حج کي مقبول بڻائي ۽ کين صحت، سلامتي، دل جو سڪون ۽ بيشمار برڪتن سان پنهنجي وطن واپس موٽڻ جي توفيق عطا فرماءِ. هن دُعا ڪئي ته الله تعاليٰ پاڪستان کي امن، ترقي، استحڪام ۽ خوشحاليءَ سان نوازي، مسلم اُمت کي اتحاد ۽ يڪجهتيءَ جي نعمت عطا فرماءِ ۽ سڄي دنيا کي امن، محبت، رواداري ۽ انسانيت جو گهوارو بڻائي. آخر ۾ سينيٽ چيئرمين هڪ ڀيرو ٻيهر حاجين، پاڪستاني قوم ۽ پوري مسلم اُمت کي حج ۽ عرفات جي ميدان جون دلي واڌايون پيش ڪندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں