ڪراچي-25 مئي (اي پي پي)آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۽ لائيف اسٽائيل جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي اشتراڪ سان ملڪ جي نامور اداڪار فيصل قريشي کي شوبز انڊسٽري ۾ شاندار خدمتن ۽ بهترين ڪارڪردگي جي اعتراف ۾ خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ آرٽس ڪائونسل جي آڊيٽوريم ون ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن جي صدارت ليجنڊ اداڪار مصطفيٰ قريشي ڪئي جڏهن ته خاص مهمان آرٽس ڪائونسل جو صدر محمد احمد شاه هو. …
آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ نامور اداڪار فيصل قريشي کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ ڪائونسل جي آڊيٽوريم ون ۾ تقريب منعقد

مزید خبریں
ڪراچي-25 مئي (اي پي پي)آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۽ لائيف اسٽائيل جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي اشتراڪ سان ملڪ جي نامور اداڪار فيصل قريشي کي شوبز انڊسٽري ۾ شاندار خدمتن ۽ بهترين ڪارڪردگي جي اعتراف ۾ خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ آرٽس ڪائونسل جي آڊيٽوريم ون ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن جي صدارت ليجنڊ اداڪار مصطفيٰ قريشي ڪئي جڏهن ته خاص مهمان آرٽس ڪائونسل جو صدر محمد احمد شاه هو. تقريب ۾ مشهور اداڪار بهروز سبزواري ،صلاح الدين تنيو، عدنان صديقي، اداڪار همايون سعيد، شهزاد نواز، گلوڪار فاخر، حنيف راجا ،قونصل جنرل رومانيه مرزا اشتياق بيگ سميت فلم ۽ ٽي وي انڊسٽري جي نامور فنڪارن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. فيصل قريشي جي فني سفر تي ٺاهيل مختصر ڊاڪيومينٽري به پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي ميوزيڪل پروگرام ۽ ڪاميڊي نائيٽ جو به اهتمام ڪيو ويو ، جتي فلم ۽ ٽيليويزن انڊسٽري جي فنڪارن شاندار پرفارمنس پيش ڪئي.











