اسلام آباد - 25 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بيجنگ کان نيويارڪ جي دوري جي لاءِ روانو ٿيندو. نائب وزيراعظم 26 کان 28 مئي دوران نيويارڪ جي دوري لاءِ بيجنگ کان روانو ٿيندو. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب نيويارڪ ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 26 مئي تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي کُليئي مباحثي ۾ …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بيجنگ کان نيويارڪ جي دوري جي لاءِ روانو ٿيندو

مزید خبریں
اسلام آباد – 25 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بيجنگ کان نيويارڪ جي دوري جي لاءِ روانو ٿيندو. نائب وزيراعظم 26 کان 28 مئي دوران نيويارڪ جي دوري لاءِ بيجنگ کان روانو ٿيندو. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب نيويارڪ ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 26 مئي تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي کُليئي مباحثي ۾ شرڪت ڪندو جنهن جو عنوان “عالمي امن ۽ سلامتي جو تحفظ: گڏيل قومن جي منشور جي مقصدن ۽ اصولن جي پاسداري ۽ گڏيل قومن تي ٻڌل عالمي نظام کي مضبوط بڻائڻ” آهي. اهو مباحثو مئي 2026ع جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي گردشي صدارت رکندڙ چين پاران منعقد ڪيو پيو وڃي جڏهن ته ان جي صدارت چين جو پرڏيهي وزير وانگ زي ڪندو. پاڪستان چين جي ان وقت سر قدم جي آجيان ڪري ٿو جيڪو گهڻ رخي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۽ موجوده مُشڪل عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي مرڪزي ڪردار کي برقرار رکڻ جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو. 28 مئي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير “گروپ آف فرينڊز آن گلوبل گورننس” جي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو جيڪو “عالمي نظم ۽ ضبط ۾ سڌارا ۽ بهتري: عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل طور تي ڪم ڪرڻ” جي موضوع تحت منعقد ٿيندو. دوري جي موقعي تي هو پنهنجي هم منصب پرڏيهي وزيرن کانسواءِ گڏيل قومن جي اعلى عملدارن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو. پاڪستان گهڻ رخي نظام جو هڪ مضبوط ۽ ثابت قدم حامي آهي ۽ عالمي امن، سلامتي ۽ ترقي جي لاءِ گڏيل ڪوششن ۾ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ پوري طرح تيار آهي.











