دستاويزي شاهديون ۽ شريڪ جوابدار کي ملندڙ رعايت جي موجودگي ۾ ڪيس وڌيڪ جاچ جي زمري ۾ اچي سگهي ٿو: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد -25 مئي (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان قرار ڏنو آهي، ته جيڪڏهن ڪنهن فوجداري ڪيس ۾ جوابدار جو ڪردار دستاويزي شاهدين بابت هجي ۽ شريڪ جوابدار اڳ ئي ضمانت حاصل ڪري چڪو هجي ته ڪيس ضابطه فوجداري جي شق497 (2) تحت وڌيڪ جاچ  جي دائري ۾ اچي سگهي ٿو جڏهن ته هڪجهڙو ڪردار رکندڙ جوابدار کي ضمانت جي رعايت کان محروم نٿو رکي سگهجي. رپورٽنگ لاءِ …

اسلام آباد -25 مئي (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان قرار ڏنو آهي، ته جيڪڏهن ڪنهن فوجداري ڪيس ۾ جوابدار جو ڪردار دستاويزي شاهدين بابت هجي ۽ شريڪ جوابدار اڳ ئي ضمانت حاصل ڪري چڪو هجي ته ڪيس ضابطه فوجداري جي شق497 (2) تحت وڌيڪ جاچ  جي دائري ۾ اچي سگهي ٿو جڏهن ته هڪجهڙو ڪردار رکندڙ جوابدار کي ضمانت جي رعايت کان محروم نٿو رکي سگهجي. رپورٽنگ لاءِ منظور ٿيل لکت واري تفصيلي فيصلي موجب جسٽس جمال خان مندوخيل ۽ جسٽس عرفان سعادت خان تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ سوئي ناردرن گيس پائيپ لائينز لميٽڊ  ۾ مبينه مالي بي ضابطگين ۽ پائيپس ۾ گهوٻين جي ڪيس ۾ گرفتار اسٽور سپروائيزر محمد عثمان يوسف جي گرفتاري کان پوءِ واري ضمانت منظور ڪندي تفصيلي فيصلو جاري ڪيو ويو. عدالت موجب ايف آءِ اي ڪارپوريٽ ڪرائم سرڪل لاهور ۾ داخل ڪيس ۾ الزام لڳايو هو ته 2013ع کان 2023ع دوران ايس اين جي پي ايل جي مختلف اهلڪارن مبينه طور ملي ڀڳت ڪري منگابيس اسٽور مان 245 ڪلوميٽر کان وڌيڪ ايم ايس ۽ پي اي پائيپس غائب ڪيا جنهن سان قومي خزاني کي اٽڪل 36 ڪروڙ 66 لک روپين جو نقصان پهتو. درخواست گذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته جوابدار اسٽور سپروائيزر طور مواد جاري ڪرڻ جو حتمي اختيار نه رکندو هو ۽ ڪيس مڪمل طور تي اسٽاڪ رجسٽرز، ليجرز ۽ آڊٽ رڪارڊ جهڙن دستاويزي شاهدين تي ٻڌل آهي جن جي مڪمل جاچ صرف ٽرائل دوران ممڪن آهي. وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته شريڪ جوابدار جن جا انتظامي اختيار وڌيڪ هئا، اڳ ئي ضمانت تي آزاد ٿي چڪا آهن. سپريم ڪورٽ قرار ڏنو ته استغاثه اهو ثابت ناهي ڪري سگهيو ته درخواست گذار جو ڪردار ٻين شريڪ جوابدارن کان وڌيڪ سنگين يا مختلف هو. عدالت قرار ڏنو ته اهو تعين ڪرڻو هو ته جوابدار وٽ فيصلو ڪرڻ جو اختيار هو يا هو صرف انتظامي هدايتن تي عمل ڪري رهيو هو، شاهديون رڪارڊ ٿيڻ کان پوءِ ئي ممڪن هوندو. عدالت پنج لک روپين جي مچلڪن عيوض جوابدار جي ضمانت منظور ڪندي واضح ڪيو ته ٽرائل ڪورٽ ڪيس جو فيصلو شاهدين جي بنياد تي آزاداڻي طور ڪيو ويندو.

مزید خبریں