بيجنگ - 25 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ معاهدن ۽ ايم او يوز کي وڌندڙ تعاون ۽ ٻطرفي لاڳاپن جي سگهه جي عڪاسي قرار ڏيندي چيو آهي ته انهن معاهدن ۽ ايم او يوز سان مختلف شعبن ۾ تعاون جا نوان موقعا پيدا ٿيندا جيڪي ٻنهي ملڪن جي عوام جي ڀلائي ۽ خوشحالي ۾ سڌوسنئون مددگار ثابت ٿيندا. وزيراعظم آفيس جي …
وزيراعظم پاران پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ معاهدن ۽ ايم او يوز کي وڌندڙ تعاون ۽ ٻطرفي لاڳاپن جي سگهه جي عڪاسي قرار

مزید خبریں
بيجنگ – 25 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ معاهدن ۽ ايم او يوز کي وڌندڙ تعاون ۽ ٻطرفي لاڳاپن جي سگهه جي عڪاسي قرار ڏيندي چيو آهي ته انهن معاهدن ۽ ايم او يوز سان مختلف شعبن ۾ تعاون جا نوان موقعا پيدا ٿيندا جيڪي ٻنهي ملڪن جي عوام جي ڀلائي ۽ خوشحالي ۾ سڌوسنئون مددگار ثابت ٿيندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ عوامي جمهوريه چين جي وزيراعظم لي چيانگ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ڪيترن ئي معاهدن، مفاهمتي يادداشتن (ايم او يوز)، پروٽوڪولز ۽ تعاون بابت دستاويزن تي صحيحن ۽ انهن جي مٽاسٽا جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. اهي معاهدا، مفاهمتي يادداشتون ۽ پروٽوڪولز واپار، سيڙپڪاري، زراعت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، موسمياتي تبديلي، تعليم، ميڊيا ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيندا. انهن معاهدن ۽ ايم او يوز ۾ تعليمي تعاون ۽ مٽاسٽا بابت ايگزيڪيوٽو پروگرام، خشڪ ميون جي لاءِ معائنو، قرنطينه ۽ حفظان صحت جي گهرجن بابت پروٽوڪول، مڪئي جي لاءِ نباتاتي صحت جي گهرجن بابت پروٽوڪول، زرعي شعبي ۾ ترقياتي تعاون جي فروغ بابت مفاهمتي يادداشت، جانورن جي ويڪسينز بابت ليٽر آف ايڪسچينج، اقتصادي ترقي جي شعبي ۾ مٽاسٽا ۽ تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ بابت مفاهمتي يادداشت، ماحوليات ۽ موسمياتي تبديلي جي شعبن ۾ تعاون بابت مفاهمتي يادداشت، فارن سروس اڪيڊمي ۽ چائنا فارن افيئرز يونيورسٽي جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشت، ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي سينٽرل ڪميٽي جي پارٽي اسڪول (چائنا اڪيڊمي آف گورننس) ۽ پاڪستان نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشت، سال 2026ع جي لاءِ افرادي قوت جي ترقي جي تعاون پروگرام جي گڏيل لاڳو بابت مفاهمتي يادداشت، مطابقتي جانچ بابت مفاهمتي يادداشت، پاڪستان سائنس فائونڊيشن ۽ چائنا ايسوسيئيشن آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشت، شهنوا نيوز ايجنسي ۽ پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشت، چائنا ميڊيا گروپ ۽ پاڪستان ٽيليويزن جي وچ ۾ گڏيل ڊاڪيومينٽري پروڊڪشن ۾ تعاون بابت مفاهمتي يادداشت، آزاد واپار ۽ گهڻ رخي نظام جي حمايت بابت مفاهمتي يادداشت ۽ زجيانگ صوبي ۽ پنجاب صوبي جي وچ ۾ ڀائر صوبن جي حيثيت سان لاڳاپا قائم ڪرڻ بابت معاهدو شامل آهي.










