بيجنگ - 25 مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين زراعت، تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، انساني وسيلن جي ترقي ۽ ماحولياتي تبديلي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي لاءِ مفاهمت جي ڪيترين ئي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ڪري ڇڏيون. ان سلسلي ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي چين جي دوري دوران خصوصي تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چين جو وزيراعظم لي …
پاڪستان ۽ چين پاران مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي لاءِ مفاهمت جي ڪيترين ئي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون

مزید خبریں
بيجنگ – 25 مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين زراعت، تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، انساني وسيلن جي ترقي ۽ ماحولياتي تبديلي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي لاءِ مفاهمت جي ڪيترين ئي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ڪري ڇڏيون. ان سلسلي ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي چين جي دوري دوران خصوصي تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چين جو وزيراعظم لي چيانگ پڻ موجود هئا. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ترقي جي شعبي ۾ مٽاسٽا ۽ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال ۽ چيني قومي ترقي ۽ منصوبابندي ڪميشن جي ڊائريڪٽر زينگ شانجي ان حوالي سان مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون. ماحولياتي ۽ موسمياتي تبديلي جي شعبن ۾ تعاون بابت مفاهمتي يادداشت تي چين جي ماحوليات واري وزير هوانگ رنچيانگ ۽ پاڪستاني سفير خليل هاشمي صحيحون ڪيون. پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ويٽرنري ويڪسين جي عطيي جي حوالگي جي دستاويز تي غذائي تحفظ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ۽ چين جي زراعت واري وزير زانگ زوني صحيحون ڪيون. خشڪ ميون ۽ ڊراءِ فروٽ جي لاءِ معائني، قرنطينه ۽ حفظان صحت جي گهرجن بابت پروٽوڪول تي چين جي جنرل ايڊمنسٽريشن آف ڪسٽمز جي وزير سن مي جون ۽ پاڪستاني سفير خليل هاشمي صحيحون ڪيون. مڪئي جي لاءِ نباتاتي صحت جي گهرجن بابت پروٽوڪول تي چين جي جنرل ايڊمنسٽريشن آف ڪسٽمز جي وزير سن مي جون ۽ صنعت ۽ پيداوار واري سيڪريٽري سيف انجم صحيحون ڪيون. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ مطابقتي جانچ ۾ تعاون جي مفاهمتي يادداشت تي چين جي اسٽيٽ ايڊمنسٽريشن آف مارڪيٽ ريگيوليشن جي ڊائريڪٽر لوو وين ۽ پاڪستاني سفير خليل هاشمي صحيحون ڪيون. شهنوا نيوز ايجنسي ۽ پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ چيني خابرو ايجنسي جي صدر فوهوا صحيحون ڪيون. چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي پارٽي اسڪول ۽ پاڪستان نيشنل اسڪول پبلڪ پاليسي ۾ تعاون جي مفاهمتي يادداشت تي چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي پارٽي اسڪول جي نائب صدر شي چن تائو ۽ پاڪستاني سفير خليل هاشمي صحيحون ڪيون. چائنا ميڊيا گروپ ۽ پاڪستان ٽيليويزن جي وچ ۾ گڏيل ڊاڪيومينٽري پروڊڪشن ۾ تعاون جي مفاهمتي يادداشڊت تي پڻ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ چائنا ميڊيا گروپ جي صدر شينگ هائي زونگ صحيحون ڪيون. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ عوامي مٽاسٽا جي مفاهمتي يادداشت تي چائنا ايسوسيئيشن آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي پارٽي برانچ سيڪريٽري هي جونڪي ۽ پاڪستاني سفير خليل هاشمي صحيحون ڪيون. پاڪستان چين آزاد واپار ۽ گهڻ رخي تعاون جي مفاهمتي يادداشت تي چين جي واپار واري نائب وزير يان ڊونگ ۽ واپار واري سيڪريٽري جواد پال صحيحون ڪيون. دهشتگردي جي خاتمي جي اوزارن ۾ تعاون جي دستاويز ۽ انساني وسيلن جي ترقي جي تعاون جي مفاهمتي يادداشت تي چائنا انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن جي چيئرمين چن زيائو ڊونگ ۽ پاڪستاني سفير خليل هاشمي صحيحون ڪيون. پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ زرعي شعبي ۾ تعاون جي مفاهمتي يادداشت تي وفاقي وزير احسن اقبال ۽ چيئرمين چن زيائو ڊونگ صحيحون ڪيون. چين فار افيئرز يونيورسٽي ۽ پاڪستان فارن سروس اڪيڊمي جي وچ ۾ تعاون جي مفاهمتي يادداشت تي ڊي جي پاڪستان فارن سروس اڪيڊمي سعيد جيلاني ۽ چيني فارن افيئرز يونيورسٽي جي پارٽي سيڪريٽري وانگ شننگ صحيحون ڪيون.










