اسلام آباد -25 مئي (اي پي پي) ملڪ جي پرڏيهي مٽا سٽا جي ناڻي جي ملڪي ذخيرن ۾ جاري مالي سال دوران 3.320 ارب ڊالرن جو اضافو ٿيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ موجب گذريل مالي سال جي پڄاڻي تي ناڻي جي مٽاسٽا جي ملڪي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 19.269 ارب ڊالر ز رڪارڊ ڪيو ويو هو جنهن ۾ ايس بي پي وٽ 14.505 ارب ڊالرز ۽ ڪمرشل بئنڪن وٽ ناڻي جي مٽاسٽا …
ملڪ جي پرڏيهي مٽا سٽا جي ناڻي جي ملڪي ذخيرن ۾ جاري مالي سال دوران 3.320 ارب ڊالرن جو اضافو ٿيو آهي: اسٽيٽ بئنڪ

مزید خبریں
اسلام آباد -25 مئي (اي پي پي) ملڪ جي پرڏيهي مٽا سٽا جي ناڻي جي ملڪي ذخيرن ۾ جاري مالي سال دوران 3.320 ارب ڊالرن جو اضافو ٿيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ موجب گذريل مالي سال جي پڄاڻي تي ناڻي جي مٽاسٽا جي ملڪي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 19.269 ارب ڊالر ز رڪارڊ ڪيو ويو هو جنهن ۾ ايس بي پي وٽ 14.505 ارب ڊالرز ۽ ڪمرشل بئنڪن وٽ ناڻي جي مٽاسٽا جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 4.763 ارب ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو هو. 15 مئي تي ختم ٿيل هفتي ۾ ناڻي جي مٽاسٽا وارن ملڪي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 22.589 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جنهن مان ايس بي پي وٽ 17.081 ارب ڊالرز ۽ ڪمرشل بئنڪن وٽ مٽاسٽا وارن ذخيرن جو ڳاڻيٽو 5.508 ارب ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو. جاري مالي سال دوران اسٽيٽ بئنڪ جي ناڻي جي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ مجموعي طور 2.575 ارب ڊالرز ۽ ڪمرشل بئنڪن جي مٽاسٽا واري ناڻي جي ذخيرن ۾ 745 ملين ڊالر اضافو رڪارڊ ڪيو ويو.










