بيجنگ _25 مئي (اي پي پي) چين انسان بردار خلائي جهاز شين زو 23 ڪاميابي سان خلا ۾ روانو ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق چئنا مينڊ اسپيس مطابق انسان بردار خلائي جهاز شين زو 23 کي کڻي ويندڙ لانگ مارچ 2 ايف وائي 23 راڪٽ آچر ۽ سومر جي وچ واري رات بيجنگ جي مقامي وقت مطابق 11 لڳي 8 منٽن تي جيوچوان سيٽلائيٽ لانچ سينٽر تان ڪاميابي سان …
چين جي انسان بردار خلائي جهاز شين زو 23 جي ڪامياب لانچنگ
بيجنگ _25 مئي (اي پي پي) چين انسان بردار خلائي جهاز شين زو 23 ڪاميابي سان خلا ۾ روانو ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق چئنا مينڊ اسپيس مطابق انسان بردار خلائي جهاز شين زو 23 کي کڻي ويندڙ لانگ مارچ 2 ايف وائي 23 راڪٽ آچر ۽ سومر جي وچ واري رات بيجنگ جي مقامي وقت مطابق 11 لڳي 8 منٽن تي جيوچوان سيٽلائيٽ لانچ سينٽر تان ڪاميابي سان لانچ ڪيو ويو . راڪٽ جي اڏام اٽڪل 10 منٽن بعد خلائي جهاز ڪاميابي سان راڪٽ کان الڳ ٿي مقرر مدار ۾ داخل ٿي ويو . ائين لانچ مشن ڪاميابي سان مڪمل ٿي ويو . انسان برار خلائي جهاز ۽ خلائي اسٽيشن جي ڍانچي جو ڪامياب ميلاپ ۽ ڊاڪنگ بعد شين زو جي مشن جو عملو ڪاميابي سان مدار جي ڪيپسول ۾ داخل ٿي ويو. اها چين جي تاريخ ۾ اٺاويهين ” خلائي ملاقات “ آهي . اهو مشن خلائي اسٽيشن جي استعمال ۽ ترقي جي مرحلي ۾ ستون انسان بردار مشن آهي جڏهن ته منصوبي جي شروعات کان هيستائين اها مجموعي طور تي 40 هين خلائي لانچ مشن آهي.












