اسلام آباد -25 مئي (اي پي پي)عالمي مارڪيٽ ۾ گذريل ڏينهن ڪاروباري هفتي جي شروعات تي ڪچي تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو رجحان رهيو. بلوم برگ جي رپورٽ موجب آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽر ميڊيٽ تحت ڪچي تيل جي مستقبل جي سودي 5.38 ڊالرز جي گهٽتائي کان پوءِ 91.22 ڊالرز في بيرل ۽ برينٽ نارٿ سي ڪروڊ تحت ڪچي تيل جا مستقبل جا سودا 5.34 ڊالرز جي گهٽتائي سان 98.20 …
عالمي مارڪيٽ ۾ ڪاروباري هفتي جي شرعات تي ڪچي تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي جو رجحان
اسلام آباد -25 مئي (اي پي پي)عالمي مارڪيٽ ۾ گذريل ڏينهن ڪاروباري هفتي جي شروعات تي ڪچي تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو رجحان رهيو. بلوم برگ جي رپورٽ موجب آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽر ميڊيٽ تحت ڪچي تيل جي مستقبل جي سودي 5.38 ڊالرز جي گهٽتائي کان پوءِ 91.22 ڊالرز في بيرل ۽ برينٽ نارٿ سي ڪروڊ تحت ڪچي تيل جا مستقبل جا سودا 5.34 ڊالرز جي گهٽتائي سان 98.20 ڊالرز في بيرل ۾ طئي ٿيا. سون جي قيمت 31.90 ڊالرز جي اضافي سان 4588.30 ڊالرز في اونس ۽ چاندي جي قيمت 1.72 ڊالرن جي اضافي سان 77.92 ڊالرز في اونس ٿي وئي. جنسن جي قيمتن ۾ گڏيل رجحان رهيو، مڪئي جي قيمت ۾ هڪ ڊالر جو اضافو ٿيو ۽ مستقبل جا سودا 463 ڊالر في بشل ۾ طئي ٿيا. ڪاٽن جي قيمت 0.56 ڊالرن جي گهٽتائي کان پوءِ 77.42 ڊالرز ٿي وئي. ڪڻڪ جي قيمت 1.25 ڊالرن جي گهٽتائي کان پوءِ 646.25 ڊالرز في بشل ٿي وئي.












