رياض -25 مئي (اي پي پي) سعودي عرب جي شاگردن جي ٽيم ڏکڻ ڪوريا جي شهر بوسان ۾ ايشئين فزڪس اولمپياڊ 2026ع ۾ 5 عالمي ايوارڊ حاصل ڪري ورتا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب ايشئين فزڪس اولمپياڊ ۾ 27 ملڪن جي 209 شاگردن شرڪت ڪئي. سعودي عرب ان مقابلي ۾ 2012ع ۾ پهريون ڀيرو شرڪت ڪئي هئي. هن وقت تائين 27 ايوارڊ حاصل ڪيا آهن جن ۾ 6 ٽامي جا تمغا …
سعودي عرب جي شاگردن ايشيئن فزڪس اولمپياڊ ۾ 5 عالمي ايوارڊ حاصل ڪري ورتا
رياض -25 مئي (اي پي پي) سعودي عرب جي شاگردن جي ٽيم ڏکڻ ڪوريا جي شهر بوسان ۾ ايشئين فزڪس اولمپياڊ 2026ع ۾ 5 عالمي ايوارڊ حاصل ڪري ورتا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب ايشئين فزڪس اولمپياڊ ۾ 27 ملڪن جي 209 شاگردن شرڪت ڪئي. سعودي عرب ان مقابلي ۾ 2012ع ۾ پهريون ڀيرو شرڪت ڪئي هئي. هن وقت تائين 27 ايوارڊ حاصل ڪيا آهن جن ۾ 6 ٽامي جا تمغا ۽ 21 تعريفي سندون شامل آهن. ايشئين فزڪس اولمپياڊ ثانوي اسڪول جي فزڪس جي باصلاحيت شاگردن لاءِ هڪ اهم ساليانو مقابلو هو، جنهن جي شروعات 1999ع ۾ انڊونيشيا ۾ ٿي جنهن ۾ 12 ملڪن شرڪت ڪئي هئي.












