وزيراعظم شهباز شريف جو عظيم عوامي هال پهچڻ تي شاندار استقبال، گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو

بيجنگ- 25 مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جو چين جي گادي واري شهر بيجنگ ۾ عظيم عوامي هال پنهنجي چيني هم منصب لي چيانگ سان ملاقات ۽ وفدن جي سطح تي ڳالهين لاءِ پهچڻ تي شاندار استقبال ۽ گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، وزيراعظم باضابطه آجياڻي واري هنڌ پهتو ته چيني وزيراعظم لي چيانگ سندس استقبال ڪيو. ٻنهي اڳواڻن هٿ ملايو ۽ هڪ ٻئي کي پنهنجي پنهنجي …

بيجنگ- 25 مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جو چين جي گادي واري شهر بيجنگ ۾ عظيم عوامي هال پنهنجي چيني هم منصب لي چيانگ سان ملاقات ۽ وفدن جي سطح تي ڳالهين لاءِ پهچڻ تي شاندار استقبال ۽ گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، وزيراعظم باضابطه آجياڻي واري هنڌ پهتو ته چيني وزيراعظم لي چيانگ سندس استقبال ڪيو. ٻنهي اڳواڻن هٿ ملايو ۽ هڪ ٻئي کي پنهنجي پنهنجي وفدن سان متعارف ڪرايو. ان موقعي تي پاڪستان ۽ چين جا قومي ترانا وڄايا ويا جڏهن ته ٻئي اڳواڻ سلامي جي چبُوتري تي بيٺل رهيا. چيني هٿياربند فوج جي دستي وزيراعظم کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو، جنهن جو وزيراعظم پڻ معائنو ڪيو. واضح رهي ته وزيراعظم شهباز شريف 23 مئي کان 26 مئي 2026ع تائين چين جي سرڪاري دوري تي آهي. پنهنجي دوري جي پهرين مرحلي ۾، هو جيانگ صوبي زي جيانگ جي شهر هانگزو ويو، جتي هن پاڪستان-چين بزنس-ٽو-بزنس انويسٽمينٽ ڪانفرنس جي صدارت ڪئي. ڪانفرنس  ۾ آئي ٽي ۽ ٽيليڪام، بيٽري انرجي اسٽوريج سسٽم ۽ زراعت جي شعبن تي غور ويچار ڪيو ويو. بيجنگ ۾ پنهنجي قيام دوران، وزيراعظم چيني قيادت جنهن ۾ صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي چيانگ سان مُلاقات ڪندو. ان کانسواءِ هو پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگرهه جي موقعي تي چائنيز پيپلز ايسوسيئيشن فار فرينڊشپ ود فارين ڪنٽريز پاران منعقد ڪيل آجياڻي ۾ پڻ شرڪت ڪندو.

مزید خبریں