بيجنگ – 24 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته بيجنگ ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي وفد جي قيادت ڪندي چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي عالمي شعبي جي وزير ليو هائي شنگ سان ڪارائتي ملاقات ٿي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ان ملاقات جي موقعي تي ڪميونسٽ پارٽي آف …
چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي عالمي شعبي جي وزير ليو هائي شنگ سان ڪارائتي ملاقات ٿي: اسحاق ڊار
بيجنگ – 24 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته بيجنگ ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي وفد جي قيادت ڪندي چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي عالمي شعبي جي وزير ليو هائي شنگ سان ڪارائتي ملاقات ٿي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ان ملاقات جي موقعي تي ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي وچ ۾ هڪ مفاهمتي يادداشت تي پڻ صحيحون ڪيون ويون، جنهن جو مقصد نئين حالتن جي ڏس ۾ پارٽي سطح تي رابطن ۽ تعاون کي وڌيڪ اداراجاتي شڪل ڏيڻ آهي. اهو معاهدو سياسي ڳالهه ٻولهه، گڏيل طور تي سکڻ ۽ اسٽريٽجڪ هم آهنگي کي مضبوط بڻائڻ جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته ملاقات دوران علائقائي امن، استحڪام ۽ ترقي بابت معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جڏهن ته پاڪستان ۽ چين جي پراڻي دوستي جي مضبوط ۽ پائيدار لاڳاپن جي توثيق ڪئي وئي.












