هانگزو – 24 مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين جي ڪمپنين مختلف شعبن ۾ تعاون ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ 7 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ زراعت، آءِ ٽي، خصوصي اقتصادي زونز ۽ کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۽ گڏيل منصوبا …
پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ 7 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون، اربين ڊالر جي مفاهمت جي يادداشتن کي معاهدن ۾ تبديل ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي: وزيراعظم شهباز شريف

مزید خبریں
هانگزو – 24 مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين جي ڪمپنين مختلف شعبن ۾ تعاون ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ 7 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ زراعت، آءِ ٽي، خصوصي اقتصادي زونز ۽ کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۽ گڏيل منصوبا شروع ڪرڻ جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان کي قرض ۽ امداد نه پر مهارت ۽ سيڙپڪاري گهرجي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اربين ڊالر جي مفاهمت جي يادداشتن کي معاهدن ۾ تبديل ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي، ڪراچي جي خصوصي اقتصادي زون ۾ سيڙپڪارن کي پُرڪشش سهولتون فراهم ڪيون وينديون، جديد زرعي طريقن ۽ مشيني پوکيءَ سان چين کي 10 ارب ڊالر تائين جي زرعي مصنوعات برآمد ڪري سگهون ٿا، پاڪستان ۾ معدنيات جا وڏا ذخيرا آهن، صدر شي جن پنگ چين کي عالمي معيار جي معاشي ۽ فوجي طاقت بڻائي ڇڏيو آهي، پاڪستان جلد خطي ۾ ترقي جي سفر ۾ چين سان هم قدم ٿيندو. هانگزو ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام، بيٽري انرجي اسٽوريج سسٽم ۽ زراعت جي شعبن جي حوالي سان منعقد پاڪستان چائنا بزنس ٽو بزنس انويسٽمينٽ ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي. ڪانفرنس ۾ زي جيانگ صوبي جي گورنر ليو جي، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، واپار واري وفاقي وزير ڄمال ڪمال خان، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي، پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، پاور ڊويزن واري وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري، پاڪستان ۽ چين جي ناليوارين ڪمپنين جي نمائندن، سيڙپڪارن ۽ چين ۾ پاڪستان جي سفير خليل الرحمان هاشمي شرڪت ڪئي. بزنس ٽو بزنس ڪانفرنس ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ زي جيانگ صوبي جي گورنر ليو جي جي موجودگي ۾ هاولو انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڪمپني لميٽيڊ ۽ فوجي فرٽيلائيزر جي وچ ۾ ڀاڻ جي پيداوار بابت 1.12 ارب ڊالر ماليت جي معاهدي جڏهن ته آءِ بي آءِ بيجنگ يونائيٽيڊ انفارميشن ٽيڪنالاجي ڪمپني ۽ آر آءِ سي جي وچ ۾ ايگرو ڪيميڪل، ايگرو مشينري ۽ ملتان ۾ ريجنل آفيس قائم ڪرڻ بابت 10 ڪروڙ ڊالر ماليت جي مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ٿيندڙ هيستائين 5 بزنس ٽو بزنس ڪانفرنسن ۾ مجموعي طور تي 20 ارب ڊالر کان وڌيڪ ماليت جي 200 کان وڌيڪ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ٿي چڪيون آهن. بزنس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف بي ٽو بي انويسٽمينٽ ڪانفرنس جي ڪامياب انعقاد تي منتظمين کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ته اسان پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ پنهنجي عظيم دوستي جو 75 سالا جشن ملهائي رهيا آهيون ۽ بي ٽو بي ٽئين ڪانفرنس جيڪا شينزين کان شروع ٿي بيجنگ پهتي ۽ هاڻي هتي هانگزو ۾ منعقد ٿي رهي آهي، اسان پهريون ڀيرو هن شهر جو دورو ڪري رهيا آهيون،اسان سڀ هن شهر جي خوبصورتي، ان جي تنظيم، ڍانچي ۽ بهترين انتظام کان تمام گهڻو متاثر ٿيا آهيون، هن خوبصورت شهر جون خوشگوار يادون اسان پاڻ سان گڏ کڻي وينداسين، جيڪو دنيا ۾ هڪ جنت آهي. هي شهر صدر شي جن پنگ جي ويزن جو عڪاس آهي، صدر شي جن پنگ چين کي عالمي معاشي طاقت بڻائي ڇڏيو آهي. جنهن 2002ع کان 2007ع تائين بطور گورنر ۽ سيڪريٽري جنرل زي جيانگ زبردست ڪم ڪيو ۽ هن صوبي ۽ هن شهر کي دنيا جي متحرڪ ترين شهرن مان هڪ بڻائي ڇڏيو، ان جو واپار کربين ڊالر تائين پهچي چڪو آهي، ان جي بندرگاهن تان موڪلي ويندڙ مصنوعات عالمي معيار جون آهن، ان جا رستا، سرسبز چراهگاهون ۽ وڻ، تالاب سڀ ڪجهه حيرت انگيز آهن، آئون پنهنجي دل جي گهرائين سان چوان ٿو ته صدر شي جن پنگ هڪ بصيرت افوز اڳواڻ آهي جنهن چين کي عالمي معيار جي معاشي ۽ فوجي طاقت بڻائي ڇڏيو آهي جنهن جو ڪو ثاني نه آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان چين جو سچو ۽ مخلص دوست هجڻ جي ناطي ان تي تمام گهڻو فخر ڪري ٿو، اسان اربين ڊالر جي مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون جيڪي شينزن کان شروع ٿيون اڄ هتي هانگزو ۾ جاري آهن، هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انهن مفاهمت جي يادداشتن کي معاهدن ۾ تبديل ڪيو وڃي. مون کي تمام گهڻي خوشي آهي ته ايم او يوز مان 30 سيڪڙو معاهدن ۾ تبديل ٿي چڪا آهن جن جي ماليت ڪيترائي ارب ڊالر آهي، اها تمام گهڻي اطمينان جوڳي اڳڀرائي آهي پر اسان کي تيزي سان اڳتي وڌڻ گهرجي ۽ انهن هدفن کي مڪمل ڪرڻ گهرجي جيڪي وقت جي ضرورت آهن، هتي وڏيون ڪارباروي ڪمپنيون، عظيم ۽ نوجوان ڪاروباري شخصيتون موجود آهن جن وٽ زراعت، آءِ ٽي، خصوصي اقتصادي زونز قائم ڪرڻ، صنعتن، انوويشن ۽ تحقيق ۽ ترقي جو بهترين تجربو آهي ۽ اهي سمورا اسان جي ٻنهي ملڪن جي لاءِ تمام گهڻي اهميت رکندڙ آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي قديم شاهراهه ريشم جي زماني کان هلندي پئي اچي ۽ اڄ هتي سڀ ڪجهه ڊيجيٽلائيزيشن جي ذريعي ٿي رهيو آهي، چين ان شعبي ۾ دنيا جي ڪنهن به ٻئي ملڪ کان وڌيڪ ماهر آهي، پاڪستان ان جو عظيم حصيدار آهي ڇو ته اسان جي نوجوان آبادي جو تناسب تمام وڌيڪ آهي، اسان وفاقي ۽ صوبائي سطح تي اهڙن پروگرامن تي عمل پيرا آهيون جن سان اسان نوجوانن کي بااختيار بڻائي رهيا آهيون، اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ انهن کي تربيت فراهم ڪئي پئي وڃي پوءِ انهن کي ٿرڊ پارٽي انٽرنيشنل سرٽيفڪيشن ڏياري رهيا آهيون ته جيئن اهي فائديمند روزگار حاصل ڪري سگهن. وزيراعظم چيو ته هن ڪانفرنس ۾ گڏيل تعاون جي چئن شعبن جي نشاندهي ڪرڻ چاهيان ٿو، تعاون جا چار شعبا زراعت، آءِ ٽي، اڪنامڪ زونز ۽ کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات اهم آهن. پاڪستان بنيادي طور تي هڪ زرعي ملڪ آهي گذريل سال اسان هڪ هزار ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي اعلى تربيت جي لاءِ چين موڪليو، جيڪي وطن واپس اچي تمام سٺو ڪم ڪري رهيا آهن پر اهو پهريون قدم آهي، اسان کي وڌيڪ اڳتي وڌڻ جي سخت ضرورت آهي ته جيئن اسان پنهنجي في ايڪڙ پيداوار وڌائي سگهون، اعلى معيار جا ٻج حاصل ڪريون، بهترين زرعي طريقا اختيار ڪريون ۽ ميڪنائزيشن جي ذريعي پنهنجي زرعي شعبي کي تمام گهڻو اڳتي وٺي وڃي سگهون، ان ۾ قدرتي هم آهنگي آهي، چين هر سال اٽڪل 100 ارب ڊالر جي زرعي مصنوعات ٻاهر درآمد ڪري ٿو ان ۾ پاڪستان جو حصو تمام معمولي آهي، اسان کي ان ۾ توهان جو تعاون گهرجي، اسان معيار ۽ ٻين معاملن بابت چين جي ضرورتن موجب زرعي مصنوعات پيدا ڪرڻ جي قابل ٿي وينداسين، جيڪڏهن اسان ان شعبي ۾ مضبوط ڀائرن وانگر گڏجي ڪم ڪريون ته اسان نه رڳو پاڪستان جي ڳوٺاڻي علائقن ۾ وڏي پئماني تي نوڪرين جا موقعا پيدا ڪري سگهنداسين پر ڳوٺاڻي علائقن ۾ لکين ننڍا ۽ وچولي درجي جا ڪاروباري نوجوان تيار ڪري سگهجن ٿا، ويليو ايڊيشن ڪنداسين ۽ ايندڙ پنج ست سالن ۾ انهن مصنوعات کي چين کي برآمد ڪري سگهنداسين، اسان اميد ڪريون ٿا ته اسان چين کي زرعي مصنوعات جو پنهنجو واپار اٽڪل 10 ارب ڊالر تائين وڌائي سگهون، اهو ڪم مشڪل نه آهي پر اسان کي ان جي لاءِ چين جي ڪاروباري شعبي جو تعاون گهربل آهي. وزيراعظم چيو ته آءِ ٽي ۽ اي آءِ جي شعبي ۾ تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي. ٽيون ۽ انتهائي اهم شعبو خصوصي اقتصادي زونز جو آهي، اسان ڪراچي ۾ هڪ خصوصي اقتصادي زون قائم ڪيو آهي، ان جي زمين 6 هزار ايڪڙ کان وڌيڪ تي ٻڌل آهي ۽ اسان اتي سموريون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ وڃي رهيا آهيون ته جيئن چيني سيڙپڪار ۽ پاڪستان جي ڪاروباري برادري گڏجي اتي سيڙپڪاري ڪري سگهن، ان خصوصي اقتصادي زون ۾ جديد تعميراتي ڍانچو ۽ بنا رڪاوٽ ڪاروباري ماحول ملندو ۽ هتي سيڙپڪارن سان بهترين سلوڪ ڪيو ويندو، ان خصوصي اقتصادي زون ۾ ون ونڊو آپريشن جي سهولت هوندي. وزيراعطم چيني سيڙپڪارن کي سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو ته اهتي اڳتي اچن، اسان توهان کي ڊگهي مدي واري ليز جي بنياد تي زمين ڏينداسين، زمين جي قيمت نه ورتي ويندي، اها ڊگهي مدي واري ليز تي تمام پرڪشش شرطن ۽ ضابطن تي ڏني ويندي، اتي اسان هڪ عالمي معيار جو خصوصي اقتصادي زون ٺاهينداسين ۽ پوءِ چيني سيڙپڪارن جي تعاون سان ان ماڊل کي پاڪستان جي ٻين حصن ۾ پڻ اختيار ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته اڄ چين ۾ مزدوري جي لاڳت ڪافي مهانگي ٿي چڪي آهي ۽ چين اعلى سطح جي صنعتڪاري طرف وڃي رهيو آهي، اسان توهان کي دعوت ڏيون ٿا ته انهن شعبن ۾ پنهنجا پلانٽ ۽ مشينري پاڪستان آڻين، پاڪستاني ڪاروباري ماڻهن سان گڏ منصوبا قائم ڪن، پاڪستان ۾ مصنوعات تيار ڪن ۽ ٻين ملڪن کي برآمد ڪن، اهو ماڊل چيني ۽ پاڪستاني ڪاروباري ماڻهن جي لاءِ برابر فائدا رکندڙ هوندو ۽ مستقبل ۾ هڪ تمام ڪامياب ماڊل ثابت ٿيندو ۽ اهو ٽيڪسٽائيل، چمڙي ۽ ٻين شعبن ۾ انتهائي فائديمند ثابت ٿيندو. چيني سيڙپڪار ڪراچي جي اقتصادي زون جو مشاهدو ڪن، اسان توهان جي ميزباني ڪنداسين ۽ توهان کي ڪاروباري امڪانن کي سمجهڻ جا بهترين موقعا ملندا. وزيراعظم چيو ته کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات جو شعبو به تمام گهڻي اهميت رکندڙ آهي، پاڪستان ۾ معدنيات ۽ قيمتي پٿرن جا وڏا ذخيرا موجود آهن، ان ۾ به سيڙپڪاري ڪريو. وزيراعظم چيو ته انهن چئن شعبن ۾ اسان ٻنهي عظيم دوست ملڪن جي لاءِ تمام وڏا موقعا آهن، پاڪستان ماهراڻي صلاحيت، تجربو ۽ سيڙپڪاري چاهي ٿو اسان کي قرض يا امداد نه گهرجي ڇو ته بخشش ۽ امداد ڪڏهن به ڪنهن قوم کي متحرڪ ۽ خودمختيار قوم بڻجڻ نه ڏنو. وزيراعظم چيو ته صدر شي جن پنگ جي انتهائي متحرڪ قيادت ۾ ۽ اسان جي دوستي سمنڊ کان گهري ۽ هماليه کان اونچي آهي جڏهن کان اسان پنهنجو خلائي پروگرام شروع ڪيو آهي اسان جي دوستي آسمانن کي ڇُهي رهي آهي. پاڪستان جلد خطي ۾ ترقي جي سفر ۾ چين جو هم قدم هوندو. ان موقعي تي خطاب ڪندي انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري کي مضبوط بڻايو پيو وڃي، سي پيڪ 2.0 رڳو بنيادي ڍانچي تائين محدود نه آهي پر هڪ حقيقي ڊيجيٽل سلڪ روٽ جي ويزن طرف وڌي رهيو آهي، جيڪو پاڪستان ۾ پاڪستان چين آپٽڪ فائبر ڪيبل، مصنوعي ذهانت، سيمي ڪنڊڪٽرز، اي ڪامرس ۽ آءِ ٽي مصنوعات خدمتن ۾ حصيدار ۽ تعاون جي ذريعي جوڙيو پيو ڃي. هن چيو ته پاڪستان چين بي ٽو بي سيڙپڪاري ڪانفرنس 75 سالا حصيداري جي مظهر آهي، ڊيجيٽل نيشن پاڪستان ايڪٽ تحت عالمي معيار جو ڊيجيٽل انفراسٽرڪچر بڻجي رهيو آهي، پاڪستان چين آپٽڪ فائبر ۽ اي آءِ سان ترقي ٿيندي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سروس لانگ مارچ ٽائرز لميٽيڊ جي چيئرمين ۽ سي اي او چيو ته اسان لانگ مارچ ٽائرز جي چيئرمين جن زونگ شينگ سان جوائنٽ وينچر پارٽنر آهيون، ڪمپني پاڪستان ۾ اپريل 2021ع ۾ 35 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي، لانگ مارچ ٽائرز جو پاڪستان مان حاصل ٿيندڙ منافعو ٻين ڪمپنين کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ رهيو، اڄ 35 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري وڌي 235 ملين ڊالر ٿي چڪي آهي، چين سان وڌيڪ گڏيل منصوبا ٺهڻ گهرجن، چيني حصيدار پاڪستان سان وڌيڪ گڏيل منصوبا شروع ڪن. زي جيانگ صوبي جي گورنر ليو جي چيو ته 21 مئي تي صدر شي جن پنگ پاڪستاني قيادت کي ٻنهي ملڪن جي سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد جي پيغام موڪليا ۽ چيو ته چين ۽ پاڪستان جبلن ۽ درياهن سان ڳنڍيل ويجها دوست ۽ هڪ گڏيل تقدير رکندڙ هر موسم جي اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيدار آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته روايتي دوستي کي جاري رکندي هر شعبي ۾ جامع تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏنو وڃي. وزيراعظم لي ڪيانگ ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف به هڪ ٻئي کي مبارڪباد جا پيغام موڪليا، چين ۽ پاڪستان جي سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي اسان هن خوبصورت شهر هانگزو ۾ موجود آهن، هن ڪانفرنس جي ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريان ٿو. آءِ بي آءِ گووليان ڪمپني جي باني ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر چيان شياچن چيو ته 20 سال اڳ اسان بيجنگ جي فنگ ٿائي علائقي مان هڪ ننڍي آفيس کان ڪاروبار شروع ڪيو هو، اڄ آءِ بي آءِ گووليان 30 لک کان وڌيڪ رجسٽرڊ ميمبر ڪمپنين، 7 لک کان وڌيڪ واپاري ادارن، هڪ هزار کان وڌيڪ ڪلائوڊ فيڪٽرين ۽ 180 ملڪن جي خريدارن کي پاڻ ۾ ڳنڍي چڪو آهي، اسان ڪاميابي سان شنگهائي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ آءِ پي او جي ذريعي لسٽ ٿي چڪا آهيون، آءِ بي آءِ جي وفد 8 کان 14 مئي تائين پاڪستان جو دورو ڪيو، اسان جي ٽيم لاهور ۾ پنجاب جي صنعت ۽ سيڙپڪاري واري وزير سان ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ باضابطا تعاون جي معاهدي تي صحيحون ٿيون، ان کانسواءِ جي ڊبليو گروپ سان معاهدو ڪيو ته ان جي 1600 ايڪڙ تي ٻڌل خصوصي اقتصادي زون کي گڏيل طور تي فروغ ڏنو وڃي. آءِ بي آءِ جي صدر جان بينگ يون چيو ته چيني اي ڪامرس ڪمپني آءِ بي آءِ جا 30 لک ميمبر ۽ 7 لک صارفين آهن، ڪراچي ۾ آءِ ٽي مينوفيڪرچنگ، لاجسٽڪس سميت 9 وڏا معاهدا ڪيا آهن، آءِ بي آءِ پليٽ فارم تان پاڪستاني دستڪاري ۽ راندين جو سامان بنا مڊل مين 180 ملڪن تائين پهچندو، چيني گهريلو اوزار ۽ سمارٽ ڊيوائيسز هاڻي 24 ڪروڙ پاڪستانين تائين سڌوسنئون پهچنديون، ڪلائوڊ فيڪٽري نيٽ ورڪ سان آرڊرز، ڊيزائن لاجسٽڪس شيئر ٿيندا، هانگزو، اسلام آباد، ننگبو، ڪراچي سمارٽ پورٽ ٽريڊ حب کي فروغ ڏيندا. زي جيانگ صوبي جي چائنا ڪائونسل جي چيئرمين بن جيانگ چينگ چيو ته نئين توانائي اوزارن سان پاڪستان جي صوبن جي زندگي ۽ شهري تعمير بهتر بڻائينداسين، پاڪستاني زرعي مصنوعات، ٽيڪسٽائيل ۽ ڌاتي مصنوعات اسان جي مارڪيٽ ۾ مقبول آهن. وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار واري خاص معاون هارون اختر چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي لازوال آهي ۽ اها هر آزمائش تي پورو لٿي آهي، اها دوستي اعتماد سان وڌي، يڪجهتي سان گهري ٿي ۽ خلوص تي قائم آهي، چين جون صنعتون عالمي ترقي جو انجڻ آهن، چين مستقبل جو انتظار نه ڪيو پر مستقبل تعمير ڪيو آهي، تاريخ انتظار ڪندڙن کي نه پر عمل ڪندڙن کي ياد رکي ٿي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان ترقي جي راهه تي گامزن آهي، پاڪستان جنگ جي شعلن تي حڪمت عملي ۽ ڊائيلاگ سان ضابطو آندو آهي، اسان قومي صنعتي پاليسي سان مينوفيڪچرنگ بحال ڪري رهيا آهيون، پاڪ چين تعاون جو ايندڙ باب ٽيڪنيڪي انضمام ۽ نجي شعبي جي تعاون سان وڌندو.











