بيجنگ - 24 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي جي صوبي زي جيانگ جي شهر هانگزو جو دورو مڪمل ڪرڻ بعد بيجنگ پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب بيجنگ ڪيپيٽل انٽرنيشنل ايئرپورٽ پهچڻ تي چين جي ماحوليات واري وزير هوانگ رونچيو وزيراعظم جو آڌر ڀاءُ ڪيو. هانگزو ۾ وزيراعظم ٽين پاڪ-چين بي ٽو بي انويسٽمينٽ ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب جي صدارت …
وزيراعظم شهباز شريف هانگزو جو دورو مڪمل ڪري بيجنگ پهچي ويو

مزید خبریں
بيجنگ – 24 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي جي صوبي زي جيانگ جي شهر هانگزو جو دورو مڪمل ڪرڻ بعد بيجنگ پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب بيجنگ ڪيپيٽل انٽرنيشنل ايئرپورٽ پهچڻ تي چين جي ماحوليات واري وزير هوانگ رونچيو وزيراعظم جو آڌر ڀاءُ ڪيو. هانگزو ۾ وزيراعظم ٽين پاڪ-چين بي ٽو بي انويسٽمينٽ ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب جي صدارت ڪئي جنهن ۾ چارجنگ انفراسٽرڪچر، بيٽري انرجي اسٽوريج، سولر ٽيڪنالاجيز ۽ فارماسيوٽيڪل شعبن تي خاص ڌيان ڏنو ويو. وزيراعظم زي جيانگ جي صوبائي قيادت ۽ مشهور چيني ڪمپنين جن ۾ اسٽار چارج، سي اي ٽي ايل ۽ زيوزينگ فارماسيوٽيڪل شامل آهن سان ملاقاتون به ڪيون ۽ سيڙپڪاري سميت صنعتي تعاون وڌائڻ لاءِ عملي قدمن تي بحث ڪيو. وزيراعظم علي بابا هيڊ ڪوارٽرز جو به دورو ڪيو جتي ايگزيڪيوٽيو چيئرمين جوسائي سندس آجيان ڪئي. بيجنگ ۾ پنهنجي قيام دوران وزيراعظم چين جي صدر شي جن پنگ، وزيراعظم لي چيانگ سميت اعليٰ چيني عملدارن سان ملاقاتون ڪندو ته جيئن پاڪستان ۽ چين وچ ۾ آل ويڌر اسٽريٽجڪ ڪو آپريٽو پارٽنرشپ کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي ۽ سي پيڪ فيز ٽو تحت خاص ڪري واپار، سيڙپڪاري، صنعت، زراعت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ تعاون کي هٿي ڏئي سگهجي. وزيراعظم جو هي دورو پاڪستان ۽ چين وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75هين سالگره جي موقعي تي ٿي رهيو آهي.











