معصوم شهرين تي حملو بدترين سفاڪيت آهي، وفاقي بلوچستان سان گڏ بيٺل آهي: وفاقي گهرو وزير

ڪوئٽا - 24 مئي (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ۽ بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي جي صدارت هيٺ خاص اجلاس ۾ آءِ جي پوليس بلوچستان، ڪوئٽا چمن ڦاٽڪ ويجهو ڌماڪي جي شروعاتي رپورٽ پيش ڪئي. ان موقعي تي معصوم ماڻهن تي بزدلاڻي حملي جي مذمت ڪندي شهيدن جي ڪٽنبن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ويو. گهرو وزير پاران جاري ڪيل …

ڪوئٽا – 24 مئي (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ۽ بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي جي صدارت هيٺ خاص اجلاس ۾ آءِ جي پوليس بلوچستان، ڪوئٽا چمن ڦاٽڪ ويجهو ڌماڪي جي شروعاتي رپورٽ پيش ڪئي. ان موقعي تي معصوم ماڻهن تي بزدلاڻي حملي جي مذمت ڪندي شهيدن جي ڪٽنبن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ويو. گهرو وزير پاران جاري ڪيل بيان موجب اجلاس دوران محسن نقوي چيو ته وفاقي حڪومت ڏک جي هن گهڙي ۾ بلوچستان حڪومت سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته وحشين معصوم ماڻهن کي نشانو بڻائي بدترين عمل ڪيو آهي. محسن نقوي چيو ته شهيدن جي عظيم قربانين کي هميشه ياد رکيو ويندو. بلوچستان جي وڏي وزير  چيو ته اسان گهرو وزير محسن نقوي جا ٿورائتا آهيون جيڪو هر مشڪل گهڙي ۾ هو بلوچستان حڪومت سان گڏ هوندو آهي. هن چيو ته شهيدن جي رت جا قرضي آهيون. وزيراعليٰ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته فتنه الهندستان جي دهشتگردن کي منتقطي انجام تائين پهچايو ويندو. هن چيو ته شهيدن جي خاندانن کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو، زخمين جي بهتر علاج جي نگراني پاڻ ڪري رهيو آهيان، آءِ جي بلوچستان،  ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي عملدارن به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.

مزید خبریں