اسلام آباد - 24 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڪوئٽا جي علائقي چمن ريلوي ڪراسنگ ويجهو آپگهاتي ڌماڪي جي شديد مذمت ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي معصوم جانيون ضايع ٿيون آهن. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب سردار اياز صادق واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي ڏکويل ڪٽنبن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڏک جي …
سردار اياز صادق پاران چمن ريلوي ڪراسنگ ويجهو آپگهاتي ڌماڪي جي مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد – 24 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڪوئٽا جي علائقي چمن ريلوي ڪراسنگ ويجهو آپگهاتي ڌماڪي جي شديد مذمت ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي معصوم جانيون ضايع ٿيون آهن. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب سردار اياز صادق واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي ڏکويل ڪٽنبن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ هو ساڻن يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو. جنهن ۾ پوري قوم متاثر ماڻهن سان گڏ بيٺل آهي. سردار اياز صادق چيو ته معصوم شهرين کي نشانو بڻائڻ هڪ شرمناڪ ۽ بزدلاڻو فعل آهي جيڪو انسانيت جي اصولن ۽ سڀني مذهبن جي تعليم خلاف اهي، هن ان ڳالهه کي ورجايو ته دهشتگردي جي اهڙي مڪروهه ڪارروائيون سان قوم جا عزم ڪمزور نٿا ٿي سگهن، پاڪستان امن، استحڪام ۽ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي. سردار اياز صادق ان ڳالهه تي زور ڀريو ته قوم دهشتگردي کي ان جي سمورين شڪلين ۾ ختم ڪرڻ ڪوششن ۾ هٿياربند فوج سان گڏ بيٺل آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ واقعي ۾ شهيد ٿي ويلن جا درجا بلند فرمائي، زخمين کي جلد صحتيابي عطا ڪري ۽ ڏکويل ڪٽنبن کي صبر عطا ڪري.











