اسلام آباد - 24 مئي (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي وزيراعظم فيصل ممتاز راٺوڙ ڪوئٽا ۾ بم ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو ته معصوم انساني جانين جي نقصان تي دلي افسوس ٿيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته دهشتگردي جي بزدلاڻن واقعن سان قوم جا حوصلا ڪمزور نٿا ٿي سگهن، پوري قوم سيڪيورٽي ادارن سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته شهيدن جي وارثن جي غم ۾ برابر …
آزاد ڪشمير جي وزيراعظم فيصل ممتاز راٺوڙ پاران ڪوئٽا بم ڌماڪي جي شديد مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد – 24 مئي (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي وزيراعظم فيصل ممتاز راٺوڙ ڪوئٽا ۾ بم ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو ته معصوم انساني جانين جي نقصان تي دلي افسوس ٿيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته دهشتگردي جي بزدلاڻن واقعن سان قوم جا حوصلا ڪمزور نٿا ٿي سگهن، پوري قوم سيڪيورٽي ادارن سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته شهيدن جي وارثن جي غم ۾ برابر جو شريڪ آهي، زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهي. وزيراعظم آزاد ڪشمير چيو ته پاڪستان دشمن ڌريون ملڪ ۾ خوف ۽ هراس پکيڙڻ چاهين ٿيون پر انهن جي مڪروهه ارادن کي ناڪام بڻايو ويندو. دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ قومي اتحاد ۽ يڪجهتي وقت جي اهم ضرورت آهي.











