اسلام آباد - 24 مئي (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي، ته ڪوئٽا ۾ معصوم شهرين تي دهشتگرد حملو انتهائي افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي. ايڪس تي پوسٽ ڪندي وفاقي وزير چيو ته ڀارتي پٺڀرائي ۾ پلجندڙ دهشتگرد ڌريون هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جي امن کي نشانو بڻائي رهيون آهن پر قوم ۽ اسان جي بهادر فوج بزدلاڻين ڪارروائيون آڏو ڪڏهن به …
ڪوئٽا ۾ معصوم شهرين تي دهشتگرد حملو انتهائي افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي: اويس احمد لغاري

مزید خبریں
اسلام آباد – 24 مئي (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي، ته ڪوئٽا ۾ معصوم شهرين تي دهشتگرد حملو انتهائي افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي. ايڪس تي پوسٽ ڪندي وفاقي وزير چيو ته ڀارتي پٺڀرائي ۾ پلجندڙ دهشتگرد ڌريون هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جي امن کي نشانو بڻائي رهيون آهن پر قوم ۽ اسان جي بهادر فوج بزدلاڻين ڪارروائيون آڏو ڪڏهن به نه جهڪندي. هن شهيدن جي ڪٽنبن سان دلي تعزيت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪندي چيو ته پاڪستان دشمن جي هر ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائيندو.











