اسلام آباد - 24 مئي (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق بابت وفاقي وزير رانا تنوير حسين ۽ وزيراعظم جي صنعتن ۽ پيداوار بابت خاص مددگار هارون اختر خان ۽ صنعت ۽ پيداوار واري سيڪريٽري سيف انجم چين جي ڪالب گروپ هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو جتي کين جديد بيٽري ٽيڪنالاجي، تحقيق، ترقي ۽ عالمي توسيعي منصوبن بابت بريفنگ ڏني وئي. هنن اليڪٽرڪ گاڏين، بيٽري انرجي اسٽوريج سسٽمز …
راڻا تنوير حسين ۽ هارون اختر خان پاران ڪالب گروپ هيڊ ڪوارٽرز جو دورو
اسلام آباد – 24 مئي (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق بابت وفاقي وزير رانا تنوير حسين ۽ وزيراعظم جي صنعتن ۽ پيداوار بابت خاص مددگار هارون اختر خان ۽ صنعت ۽ پيداوار واري سيڪريٽري سيف انجم چين جي ڪالب گروپ هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو جتي کين جديد بيٽري ٽيڪنالاجي، تحقيق، ترقي ۽ عالمي توسيعي منصوبن بابت بريفنگ ڏني وئي. هنن اليڪٽرڪ گاڏين، بيٽري انرجي اسٽوريج سسٽمز ۽ صنعتي برقي نظام بابت مقامي اختيارين سان ڳالهيون ڪيون. صنعت ۽ پيداوار واري وزارت پاران جاري پڌرائي موجب ان موقعي تي هارون اختر خان چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ صنعتي ۽ ٽيڪنالاجي تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهم اڳڀرائي ٿي رهي آهي. ڪالب گروپ دنيا جي مشهور ليٿيم آئن بيٽري ۽ نئين توانائي ٽيڪنالاجي ڪمپنين ۾ شامل آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين صنعتي ۽ ٽيڪنالاجي تعاون کي نئين جدت ڏئي رهيا آهن.پاڪستان ۾ اليڪٽرڪ وهيڪل ۽ بيٽري ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ بي پناهه صلاحيت موجود آهي. هارون اختر خان چيو ته حڪومت جديد توانائي ۽ صنعتي ترقي لاءِ عالمي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏئي رهي آهي. ڪالب گروپ سان تعاون پاڪستان ۾ نئين توانائي جي شعبي لاءِ اهم اڳڀرائي ثابت ٿيندو. هن چيو ته ٻنهي مڪن وچ ۾ گڏيل ورڪنگ گروپ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن جو چوڻ هو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن تحت صنعتي جديدڪاري ۽ ٽيڪنالاجي ٽرانسفر تي ڪم ڪري رهيا آهيون. پاڪستان کي خطي ۾ نئين توانائي ۽ اليڪٽرڪ موبيليٽي جو اهم مرڪز بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. خاص مددگار هارون اختر خان چيو ته چيني ڪمپنين سان شراڪتداري سان پاڪستان ۾ روزگار، سيڙپڪاري ۽ صنعتي ترقي جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. ان موقعيتي ڪالب قيادت جي مستقبل ۾ پاڪستان جي دوري ۽ وڌيڪ تعاون بابت به اتفاق ڪيو ويو. هارون اختر خان چيو ته پاڪستان صنعتي جديدڪاري ۽ توانائي جي شعبي ۾ ترقي لاءِ عالمي شراڪتداري کي هٿي ڏئي رهيو آهي.












