اسلام آباد -24 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪوئٽا جي علائقي چمن ڦاٽڪ ويجهو ٿيل افسوسناڪ بم ڌماڪي جي جي شديد مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ قيمتي انساني حياتين جو نقصان ۽ ڪيترا ئي ماڻهو سخت زخمي ٿي پيا آهن. وزيراعظم ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته دهشتگردي جي اهڙيون بزدلاڻيون ڪارروائيون پاڪستان جي عوام جي عزم کي ڪمزور نٿيون ڪري سگهن، اسان دهشتگردي کي ان …
وزيراعظم شهباز شريف پاران ڪوئٽا ۾ چمن ڦاٽڪ ويجهو بم ڌماڪي جي مذمت
اسلام آباد -24 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪوئٽا جي علائقي چمن ڦاٽڪ ويجهو ٿيل افسوسناڪ بم ڌماڪي جي جي شديد مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ قيمتي انساني حياتين جو نقصان ۽ ڪيترا ئي ماڻهو سخت زخمي ٿي پيا آهن. وزيراعظم ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته دهشتگردي جي اهڙيون بزدلاڻيون ڪارروائيون پاڪستان جي عوام جي عزم کي ڪمزور نٿيون ڪري سگهن، اسان دهشتگردي کي ان جي هر شڪل ۽ صورت ۾ پاڙان پٽڻ واري پنهنجي عزم تي ثابت قدم رهنداسين. وزيراعظم شهيدن جي خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن چيو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ پوري قوم بلوچستان جي عوام سان گڏ بيٺل آهي.











