حج جي رڪنن جي شروعات، حاجي سڳورا مقدس ڌرتي ۾ پاڪستان جا سفير آهن، قانون جي سختي سان پابندي ڪئي وڃي: سردار محمد يوسف

اسلام آباد - 24 مئي (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي، ته حج پانڌيئڙا مقدس ڌرتي تي پاڪستان جا سفير آهن ۽ پنهنجي بهترين اخلاق سان ملڪ جو مثبت چهرو روشن ڪن ۽ سعودي حڪومت پاران جاري ڪيل شيڊيول ۽ قانونن تي سختي سان عملدرآمد ڪن. حج جي رڪنن جي باقاعده شروعات جي موقعي تي پاڪستاني حج پانڌيئڙن …

اسلام آباد – 24 مئي (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي، ته حج پانڌيئڙا مقدس ڌرتي تي پاڪستان جا سفير آهن ۽ پنهنجي بهترين اخلاق سان ملڪ جو مثبت چهرو روشن ڪن ۽ سعودي حڪومت پاران جاري ڪيل شيڊيول ۽ قانونن تي سختي سان عملدرآمد ڪن. حج جي رڪنن جي باقاعده شروعات جي موقعي تي پاڪستاني حج پانڌيئڙن جي نالي پنهنجي خاص پيغام ۾ هن حج پانڌيئڙن کي هن عظيم سعادت تي مبارڪون ڏيندي وطن عزيز جي سلامتي لاءِ خاص دعا جي اپيل ڪئي آهي. وفاقي وزير چيو ته حج رڳو هڪ عبادت ئي نه پر نظم و ضبط، صبر ۽ عالمي ڀائيچاري جو سڀ کان وڏو مظاهرو آهي. هن حج پانڌيئڙن کي مخاطب ٿيندي چيو ته عرفات جي ميدان، مزدلفه ۽ منيٰ ۾ رش ۽ شديد گرمي دوران صبر جو دامن هٿ مان نه ڇڏين. هن حج پانڌيئڙن کي تاڪيد ڪئي ته هو مذهبي وزارت جي ميڊيڪل ٽيمن جي هدايتن موجب پنهنجي صحت ۽ پاڻي جي استعمال جو خاص خيال رکن.

مزید خبریں