راولپنڊي - 24 مئي (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان ۾ ڪارروائيون ڪندي، 11 خوارجين کي ماري ڇڏيو آهي، آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع جي بنياد تي ڪارروائين جو سلسلو جاري رکندي گذريل 48 ڪلاڪن دوران اتر وزيرستان جي علائقي دتا خيل ضلعي ۾ خوارجين جي ڪيترن ئي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو، شديد ۽ ڀرپور فائرنگ جي ڏي وٺ بعد ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج …
سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان ۾ ڪارروائي ڪندي، 11 خوارجين کي ماري ڇڏيو
راولپنڊي – 24 مئي (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان ۾ ڪارروائيون ڪندي، 11 خوارجين کي ماري ڇڏيو آهي، آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع جي بنياد تي ڪارروائين جو سلسلو جاري رکندي گذريل 48 ڪلاڪن دوران اتر وزيرستان جي علائقي دتا خيل ضلعي ۾ خوارجين جي ڪيترن ئي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو، شديد ۽ ڀرپور فائرنگ جي ڏي وٺ بعد ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 11 خوارجين کي ماري ڇڏيو. ڪارروائي دوران مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ گولا بارود هٿ آيو. مارجي ويل خوارجي علائقي ۾ ڪيترين ئي دهشتگرد ڪارروائيون ۾ ملوث هئا. علائقي ۾ لڪيل باقي خوارجين جي خاتمي لاءِ وفاقي ايپڪس ڪميٽي جي منظور ڪيل نيشنل ايڪشن پلان تحت عزم استحڪام ويزن موجب ڪليئرنس ۽ سرچ آپريشن جاري آهي، سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادار ملڪ مان پرڏيهي پٺڀرائي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين پنهنجي دهشتگردي خلاف مهم پوري طاقت سان جاري رکندا.












