ڪوئيٽا ۾ مسافر ٽرين تي آپگهاتي حملو انتهائي بزدلاڻو ۽ مذمت جوڳو آهي: وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

اسلام آباد – 24 مئي (اي پي پي) پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته ڪوئيٽا ۾ مسافر ٽرين تي ٿيل آپگهاتي حملو انتهائي بزدلاڻو ۽ مذمت جوڳو آهي، معصوم شهرين، عورتن، ٻارن ۽ بزرگن کي نشانو بڻائڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته دهشتگرد عنصر نه رڳو امن جا دشمن آهن پر کين انساني جانين جي تقدس جو به ڪو احترام ناهي. گذريل ڏينهن …

اسلام آباد – 24 مئي (اي پي پي) پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته ڪوئيٽا ۾ مسافر ٽرين تي ٿيل آپگهاتي حملو انتهائي بزدلاڻو ۽ مذمت جوڳو آهي، معصوم شهرين، عورتن، ٻارن ۽ بزرگن کي نشانو بڻائڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته دهشتگرد عنصر نه رڳو امن جا دشمن آهن پر کين انساني جانين جي تقدس جو به ڪو احترام ناهي. گذريل ڏينهن سماجي رابطي جي ويب سائٽ ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وفاقي وزير چيو ته اسان ان افسوسناڪ واقعي ۾ شهيد ٿيل ماڻهن جي ڪٽنب ڀاتين سان دلي تعزيت ڪريون ٿا ۽ زخمين جي جلدي صحتيابي لاءِ دعاگو آهيون. هن چيو ته پاڪستان جي بهادر فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا دهشتگردي جا ناسور جي خاتمي لاءِ ڏانهن رات ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ اهڙا بزدلاڻا حملا قوم جا حوصلا گهٽائي نه سگهندا. ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته دهشتگردي خلاف سموري قوم متحد آهي. پاڪستان خاص طور تي بلوچستان جو پرامن عوام دشمن عنصرن جي ناپاڪ عزمن کي ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيڻ ڏيندو. هن واضح ڪيو ته دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي انصاف جون گهرجون پوريون ڪيون وينديون.

مزید خبریں