اسلام آباد – 24 مئي (اي پي پي) ريلوي جي وفاقي وزير محمد حنيف عباسي ڪوئيٽا ۾ ٿيل ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته بزدلاڻي دهشتگردي جا اهڙا حملا قومي عزم کي ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. ريلوي واري وزارت پاران جاري مذمتي بيان ۾ محمد حنيف عباسي چيو ته ڀارت ۽ افغانستان ۾ موجود پاڪستان دشمن عنصر دهشتگردي جي سرپرستي ڪري رهيا آهن، دشمن قوتون پاڪستان ۾ …
ريلوي جي وفاقي وزير پاران ڪوئيٽا ۾ ٿيل ڌماڪي جي مذمت
اسلام آباد – 24 مئي (اي پي پي) ريلوي جي وفاقي وزير محمد حنيف عباسي ڪوئيٽا ۾ ٿيل ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته بزدلاڻي دهشتگردي جا اهڙا حملا قومي عزم کي ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. ريلوي واري وزارت پاران جاري مذمتي بيان ۾ محمد حنيف عباسي چيو ته ڀارت ۽ افغانستان ۾ موجود پاڪستان دشمن عنصر دهشتگردي جي سرپرستي ڪري رهيا آهن، دشمن قوتون پاڪستان ۾ بدامني ڦهلائڻ لاءِ سنگين ڪارروائين ۾ ملوث آهن، ڀارت ۽ افغانستان مان هلندڙ دهشتگرد نيٽ ورڪس جا ناپاڪ عزمن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو. محمد حنيف عباسي چيو ته ڪوئيٽا ڪينٽ مان ايندڙ شٽل ٽرين چمن ڦاٽڪ ويجهو ڌماڪي جي وڪوڙ ۾ آئي جنهن جي نتيجي ۾ انجڻ سميت ٽي بوگيون پٽڙي تان لهي ويون جڏهن ته ٻه بوگيون اونڌي ٿي ويون. سيڪيورٽي فورسز فوري طور تي علائقي تي ڪڙو چاڙهي ريسڪيو آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. وفاقي وزير چيو ته امدادي ڪارروائين لاءِ ريسڪيو ٽرڪ ۽ ريليف ٽرين واقعي واري هنڌ روانو ڪئي وئي آهي. محمد حنيف عباسي چيو ته دهشتگرد انسانيت ۽ ملڪ جا دشمن آهن ۽ کين عبرتباڪ انجام تائين پهچايو ويندو. هن چيو ته پاڪستان ريلوي جون آپريشنل سرگرميون بنا رڪاوٽ جاري رهنديون. ريلوي واري وزير انتظاميا کي واقعي جي فوري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.












