آٽو فنانسنگ ۾ اپريل 2026ع دوران 37 سيڪڙو جو اضافو

اسلام آباد- 24 مئي(اي پي پي) آٽو فنانسنگ ۾ اپريل 2026ع دوران ساليانو بنياد تي  37 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي ۽ ان دوران گاڏين جي خريداري لاءِ جاري قرضن جو انگ 360 ارب رپين تائين پهچي ويو. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان (ايس بي پي) جي رپورٽ مطابق گذريل 17 مهينن کان آٽو فنانسنگ ۾ مسلسل اضافي جو رجحان آهي. رپورٽ مطابق هلندڙ مالي سال ۾ ٽريڪٽرن کانسواءِ ڪارن، ويگن، پڪ …

اسلام آباد- 24 مئي(اي پي پي) آٽو فنانسنگ ۾ اپريل 2026ع دوران ساليانو بنياد تي  37 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي ۽ ان دوران گاڏين جي خريداري لاءِ جاري قرضن جو انگ 360 ارب رپين تائين پهچي ويو. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان (ايس بي پي) جي رپورٽ مطابق گذريل 17 مهينن کان آٽو فنانسنگ ۾ مسلسل اضافي جو رجحان آهي. رپورٽ مطابق هلندڙ مالي سال ۾ ٽريڪٽرن کانسواءِ ڪارن، ويگن، پڪ اپس ۽ ايس يو ويز لاءِ قرضن جي فراهمي ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي ۽ هلندڙ مالي سال جي شروعاتي 10 مهينن دوران انهن جو وڪرو هڪ لک 66 هزار 44 يونٽس تائين وڌي ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي عرصي جي ڀيٽ ۾ 49 سيڪڙو وڌيڪ رهيو آهي. 

مزید خبریں