رياض – 24 مئي (اي پي پي) سعودي عرب ۾ هڪ هفتي دوران اقامه، ليبر ۽ بارڊر قانون جون وڌيڪ 8 هزار 943 ڀڃڪڙيون رڪارڊ ڪيون ويون آهن جڏهن ته 9 هزار 832 غير قانوني پرڏيهين کي سندن ملڪ واپس موڪليو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق 14 کان 20 مئي وچ ۾ مجموعي طور تي 4 هزار 638 ماڻهن کي اقامه قانون، 2 هزار 810 کي غير قانوني طور سرحد …
سعودي عرب ۾ اقامه، ليبر ۽ بارڊر قانون جون 8 هزار 943 ڀڃڪڙيون رڪارڊ، وڌيڪ 9 هزار 832 غير قانوني پرڏيهين جي واپسي
رياض – 24 مئي (اي پي پي) سعودي عرب ۾ هڪ هفتي دوران اقامه، ليبر ۽ بارڊر قانون جون وڌيڪ 8 هزار 943 ڀڃڪڙيون رڪارڊ ڪيون ويون آهن جڏهن ته 9 هزار 832 غير قانوني پرڏيهين کي سندن ملڪ واپس موڪليو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق 14 کان 20 مئي وچ ۾ مجموعي طور تي 4 هزار 638 ماڻهن کي اقامه قانون، 2 هزار 810 کي غير قانوني طور سرحد پار ڪرڻ جي ڪوشش ۽ هڪ هزار 495 کي ليبر قانون جي ڀڃڪڙي تي حراست ۾ ورتو ويو. غير قانوني طور تي سعودي عرب ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش تي هڪ هزار 158 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، انهن ۾ 61 سيڪڙو ايٿوپين، 38 سيڪڙو يمني ۽ هڪ سيڪڙو جو تعلق ٻين ملڪن سان هو. ان کان علاوه 54 اهڙن ماڻهن کي به پڪڙيو ويو آهي جيڪي سرحد پار ڪري سعودي عرب مان پاڙيسري ملڪن ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. سفر، رهائش، روزگار ۽ پناهه ڏيڻ جي ڪوششن ۾ ملوث 8 ماڻهن کي به حراست ۾ ورتو ويو آهي.












