اسلام آباد- 23 مئي(اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان قرار ڏنو آهي ته جيڪڏهن ڪا عدالت يا ڪو ٽربيونل پاڻ کي اختيار واري دائري کان محروم قرار ڏئي ته ان کي ڪيس جي ميرٽ ۾ وڃڻ بدران صرف ٻڌڻي جوڳي سوال تائين محدود رهڻ گهرجي ڇاڪاڻ تي اختياري واري دائري کانسواءِ ميرٽ تي راءِ قانوني طور تي اثرائتي نه هوندي. رپورٽنگ لاءِ منظور ٿيل لکت واري فيصلي موجب جسٽس …
دائره اختيار جي فيصلي کان سواءِ ميرٽ تي راءِ ڏيڻ قبولڻ جوڳو نه آهي : سپريم ڪورٽ آف پاڪستان

مزید خبریں
اسلام آباد- 23 مئي(اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان قرار ڏنو آهي ته جيڪڏهن ڪا عدالت يا ڪو ٽربيونل پاڻ کي اختيار واري دائري کان محروم قرار ڏئي ته ان کي ڪيس جي ميرٽ ۾ وڃڻ بدران صرف ٻڌڻي جوڳي سوال تائين محدود رهڻ گهرجي ڇاڪاڻ تي اختياري واري دائري کانسواءِ ميرٽ تي راءِ قانوني طور تي اثرائتي نه هوندي. رپورٽنگ لاءِ منظور ٿيل لکت واري فيصلي موجب جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس مسرت هلالي تي مشتمل ٻه رڪني بينچ برطرف ٿيل ٻن ملامن جون اپيلون منظور ڪندي وفاق سروس ٽربيونل جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو ۽ ڪيس ٻيهر ٻڌڻي لاءِ موڪليو. درخواست ڪندڙن جو موقف هو ته انهن کي 2019ع ۾ نائب قاصد طور مقرر ڪيو ويو هو ۽ بعد ۾ مبينه جعلي مقرري جي الزام ۾ بنا ڪنهن باقاعده شو ڪاز نوٽيس ۽ ڪارروائي جي برطرف ڪيو ويو. عدالت هدايت ڪئي ته وفاقي سروس ٽربيونل اڳ ۾ اهو طئي ڪندو ته درخواست ڪندڙ سول سرونٽس جي دائري ۾ اچن ٿا يا نه، ۽ صرف ان بنياد تي پنهنجي اختيار جي دائري بابت فيصلو ڪري، جڏهن ته ميرٽ تي حتمي راءِ لاڳاپيل اختيار جو دائرو مقرر ٿيڻ کان پوءِ ڏني ويندي.











