صحت جي عالمي اداري ڪانگو ۽ يوگنڊا ۾ تازي ايبولا وبا جي صورتحال کي عالمي هنگامي صورتحال قرار ڏئي ڇڏيو: قومي صحت واري وزارت جو ترجمان

اسلام آباد-23 مئي (اي پي پي)صحت جي عالمي اداري ڪانگو ۽ يوگنڊا ۾ تازي ايبولا وبا جي صورتحال کي عالمي هنگامي صورتحال قرار ڏئي ڇڏيو آهي، تازي ايبولا وائرس جي وبا جو موجوده ڦهلاءُ رڳو آفريقي ملڪن ڪانگو ۽ يوگنڊا تائين محدود آهي. قومي صحت واري وزارت گذريل ڏينهن جاري بيان ۾ چيو ته ڊبليو ايچ او مطابق آفريقا کان ٻاهر ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ايبولا وائرس جو ڪو مريض …

اسلام آباد-23 مئي (اي پي پي)صحت جي عالمي اداري ڪانگو ۽ يوگنڊا ۾ تازي ايبولا وبا جي صورتحال کي عالمي هنگامي صورتحال قرار ڏئي ڇڏيو آهي، تازي ايبولا وائرس جي وبا جو موجوده ڦهلاءُ رڳو آفريقي ملڪن ڪانگو ۽ يوگنڊا تائين محدود آهي. قومي صحت واري وزارت گذريل ڏينهن جاري بيان ۾ چيو ته ڊبليو ايچ او مطابق آفريقا کان ٻاهر ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ايبولا وائرس جو ڪو مريض رپورٽ ناهي ٿيو، متاثر آفريقي ملڪن سان محدود دفري رابطن سبب پاڪستان ۾ خطرو انتهائي گهٽ آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان يا پاڙيسري ملڪن ۾ به ايبولا جو ڪو ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو. هن چيو ته صحت جي عالمي اداري احتياطي نگراني وڌائڻ جي هدايت ڪئي آهي، ڪنهن به قسم جي سفري پابندين جي سفارش ناهي ڪئي وئي. هن چيو ته صحت جي وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال وائرس جي تازي ڦهلاءُ کي نظر ۾ رکندي ملڪ ۾ اڳواٽ قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ترجمان چيو ته عوام کي وبا کان بچائڻ لاءِ اثرائتا قدم يقيني بڻايا پيا وڃن. صحت واري وزارت ۽ اين آءِ ايچ صورتحال تي مسلسل نظر رکي آهي. هن چيو ته صحت جي وفاقي وزير جي هدايت مطابق ايبولا کان بچاءُ لاءِ سڄي ملڪ جي ايئرپورٽس تي نگراني وڌيڪ اثرائتي بڻائي وئي آهي، انٽرنيشنل ريگوليشن جي سفارشن تي عمل يقيني بڻائي رهيا آهيون. صحت واري وزارت سمورن صوبن ۽ بارڊر هيلٿ سروسز کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. صحت واري وزارت ۽ ان جا ماتحت ادارا ڪنهن به صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ هاءِ الرٽ آهن. هن وڌيڪ چيو ته اين آءِ ايچ پاڪستان ايبولا سڃاڻپ جي صلاحيت رکي ٿو، صحت جي قومي اداري کي سمورن ضروري انتظامن کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. هن هدايت ڪئي ته آفريقي ملڪن ڏانهن سفر ڪندڙ شهري روانگي کان اڳ ان ملڪ جي لاڳاپيل سفري ۽ طبي هدايتون ضرور ڏسن.

مزید خبریں