اسلام آباد-23 مئي (اي پي پي) آل پاڪستان صرافه جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب ڪالهه مقامي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمتن ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. 24 قيراط سون جي في تولي جي قيمت 22 سئو روپين جي گهٽتائي سان 4 لک 73 هزار 162 روپين تي بند ٿي، جڏهن ته گذريل ڪاروباري ڏينهن سون جي قيمت 4 لک 75 هزار 362 روپيا هئي، اهڙي طرح 24 قيراط سون جي …
سون جي في تولي جي قيمت ۾ 22 سئو روپين جي گهٽتائي

مزید خبریں
اسلام آباد-23 مئي (اي پي پي) آل پاڪستان صرافه جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب ڪالهه مقامي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمتن ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. 24 قيراط سون جي في تولي جي قيمت 22 سئو روپين جي گهٽتائي سان 4 لک 73 هزار 162 روپين تي بند ٿي، جڏهن ته گذريل ڪاروباري ڏينهن سون جي قيمت 4 لک 75 هزار 362 روپيا هئي، اهڙي طرح 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت هڪ هزار 886 روپين جي گهٽتائي سان 4 لک 7 هزار 546 روپين کان گهٽجي 4 لک 5 هزار 660 روپيا ٿي وئي. جڏهن ته 22 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت هڪ هزار 719 روپيا گهٽتائي سان 3 لک 71 هزار 868 روپيا ٿي وئي. عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 22 ڊالر گهٽتائي سان 4 هزار 530 ڊالر في اونس سان 4508 ڊالر ٿي وئي، ٻئي طرف چاندي جي في تولي جي قيمت ۾ ڪا به گهٽتائي نه ٿي.











