غير قانوني افغان پناهگيرن خلاف ميزبان ملڪن جي پڪڙ سخت، ترڪيه ۾ گرفتارين جي نئين لهر

اسلام آباد-23 مئي (اي پي پي) غير قانوني افغان پناهگيرن خلاف ميزبان ملڪن پڪڙ سخت ڪري ڇڏي آهي، ترڪيه ۾ گرفتارين جي نئين لهر سامهون آئي آهي. غير قانوني افغان پناهگير ميزبان ملڪن جي اندروني سيڪيورٽي ۽ امن امان لاءِ سنگين چيلنج بڻجي چڪا آهن. جرمني ۽ ايران کان پوءِ ترڪيه ۾ به غير قانوني افغان پناهگيرن خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ڪيو ويو آهي ۽ نين گرفتارين جو سلسلو جاري …

اسلام آباد-23 مئي (اي پي پي) غير قانوني افغان پناهگيرن خلاف ميزبان ملڪن پڪڙ سخت ڪري ڇڏي آهي، ترڪيه ۾ گرفتارين جي نئين لهر سامهون آئي آهي. غير قانوني افغان پناهگير ميزبان ملڪن جي اندروني سيڪيورٽي ۽ امن امان لاءِ سنگين چيلنج بڻجي چڪا آهن. جرمني ۽ ايران کان پوءِ ترڪيه ۾ به غير قانوني افغان پناهگيرن خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ڪيو ويو آهي ۽ نين گرفتارين جو سلسلو جاري آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ترڪيه پوليس شرناق ۽ بايبرت ۾ عير قانوني پرڏيهين خلاف ڪارروائي ڪندي 15 افغان پناهگيرن سميت 6 انساني اسمگلرن کي گرفتار ڪري پرتو آهي. بايبرت ۾ پناهگيرن کي غير قانوني طريقي سان سرحد پار ڪرائيندڙ انساني اسمگلنگ نيٽ ورڪ جا 3 افغان ڪارڪن گرفتار ۽ هڪ کي عدالتي حڪم تي جيل منتقل ڪيو ويو آهي. رپورٽ مطابق ترڪ اختيارين حراست ۾ ورتل سمورن افغان شهرين کي ملڪ بدري جي مرڪزن ۾ منتقل ڪري افغانستان واپسي جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. ترڪيه جي هجرت بابت کاتي غير قانوني پرڏيهين خلاف سخت ترين پاليسي اختيار ڪندي واضح ڪيو آهي ته غير قانوني هجرت ڪنهن به صورت برداشت نه ڪئي ويندي، سخت سرحدي نگراني، پرڏيهين جي گرفتارين ۽ فوري ملڪ بدري جو عمل جاري رهندو.

مزید خبریں