نائيجيريا ۾ لکين ماڻهن کي بک جي شديد بحران جو خطرو، گڏيل قومن جي تنبيهه

گڏيل قومون-23 مئي (اي پي پي) گڏيل قومن خبردار ڪيو آهي ته نائيجيريا ۾ جاري بدامني، تشدد ۽ معاشي ڏکيائين سبب لکين ماڻهو ايندڙ مهينن ۾ شديد غذائي بحران کي منهن ڏئي سگهن ٿا. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي انساني معاملن بابت رابطي واري آفيس او سي ايچ اي مطابق جون کان آگسٽ دوران نائيجيريا ۾ اٽڪل 3 ڪروڙ 50 لک ماڻهو شديد غذائي کوٽ جو شڪار ٿي سگهن …

گڏيل قومون-23 مئي (اي پي پي) گڏيل قومن خبردار ڪيو آهي ته نائيجيريا ۾ جاري بدامني، تشدد ۽ معاشي ڏکيائين سبب لکين ماڻهو ايندڙ مهينن ۾ شديد غذائي بحران کي منهن ڏئي سگهن ٿا. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي انساني معاملن بابت رابطي واري آفيس او سي ايچ اي مطابق جون کان آگسٽ دوران نائيجيريا ۾ اٽڪل 3 ڪروڙ 50 لک ماڻهو شديد غذائي کوٽ جو شڪار ٿي سگهن ٿا، جيڪو ملڪ کي دنيا جي وڏن بک جو شڪار بحرانن ۾ شامل ڪري ٿو. رپورٽ مطابق اتر نائيجيريا ان بحران سبب سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيندو، جتي ڪيترائي خاندان خوراڪ جي کوٽ سبب کائڻ گهٽائڻ، قيمتي سامان وڪڻڻ ۽ ٻارن کي اسڪول مان ڪڍڻ تي مجبور ٿي سگهن ٿا. گڏيل قومن اهو به خبردار ڪيو آهي ته هلندڙ سال اٽڪل 64 لک ٻار شديد غذائي کوٽ جو شڪار ٿيڻ جي خطري کي منهن ڏئي سگهن ٿا. اداري عالمي برادري کي فوري مالي امداد جي اپيل ڪندي چيو آهي ته انساني همدردي تحت جاري 51 ڪروڙ 60 لک ڊالر جي امدادي منصوبي لاءِ هن وقت تائين رڳو 40 سيڪڙو فنڊنگ ملي سگهي آهي، جيڪا ضرورت جي ڀيٽ ۾ ناڪافي آهي.

مزید خبریں