اٽلي، فرانس، برطانيا ۽ جرمني پاران اسرائيل کان اولهندي ڪناري ۾ وسندين جي توسيع روڪڻ جو مطالبو

روم-23 مئي (اي پي پي)اٽلي، فرانس، برطانيا ۽ جرمني اسرائيل کان والاريل اولهندي ڪناري ۾ پنهنجين وسندين جي توسيع روڪڻ جو مطالبو ڪيو آهي، چئني ملڪن آبادڪارن جي تشدد ۽ اڏاوتي ڪمپنين کي ٽينڊرز ۾ حاصو وٺن خلاف خبردار ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل بيان ۾ انهن چئني ملڪن چيو ته اسان اسرائيلي حڪومت کان مطالبو ڪريون ٿا ته هو وسندين جي توسيع ۽ پنهنجن انتظامي اختيارن کي ختم …

روم-23 مئي (اي پي پي)اٽلي، فرانس، برطانيا ۽ جرمني اسرائيل کان والاريل اولهندي ڪناري ۾ پنهنجين وسندين جي توسيع روڪڻ جو مطالبو ڪيو آهي، چئني ملڪن آبادڪارن جي تشدد ۽ اڏاوتي ڪمپنين کي ٽينڊرز ۾ حاصو وٺن خلاف خبردار ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل بيان ۾ انهن چئني ملڪن چيو ته اسان اسرائيلي حڪومت کان مطالبو ڪريون ٿا ته هو وسندين جي توسيع ۽ پنهنجن انتظامي اختيارن کي ختم ڪري، آبادڪارن جي تشدد لاءِ جوابدهي کي يقيني بڻائي ۽ اسرائيلي فورسز خلاف لڳايل الزامن جي جاچ ڪري. انهن ملڪن نشاندهي ڪئي ته فلسطينين خلاف آبادڪارن جو تشدد غير معمولي سطح تائين پهچي چڪو آهي. انهن ملڪن پنهنجي بيان ۾ اي ون وسندي جي منصوبي کي عالمي قانون جي سنگين ڀڃڪڙي قرار ڏنو.

مزید خبریں