اسلام آباد-22 مئي (اي پي پي)پاڪستان چيو آهي ته سنڌ طاس معاهدو بدستور لاڳو آهي ۽ پاڪستان قانوني، سفارتي ۽ معاهدي تي ٻڌل ميڪنزم ۽ عمل ذريعي پنهنجي حقن جو تحفظ جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي هفتيوار بريفنگ دوران هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته پاڪستان ڪشن گنگا ۽ رتلي هائيڊرو اليڪٽرڪ پراجيڪٽس جي حوالي سان ٽياڪڙي عدالت طرفان جاري ڪيل ضمني ايوارڊ جي آجيان …
سنڌ طاس معاهدو بدستور لاڳو آهي، پاڪستان قانوني، سفارتي ۽ معاهدي تي ٻڌل ميڪنزم ۽ عمل ذريعي پنهنجي حقن جو تحفظ جاري رکندو: پرڏيهي آفيس جو ترجمان

مزید خبریں
اسلام آباد-22 مئي (اي پي پي)پاڪستان چيو آهي ته سنڌ طاس معاهدو بدستور لاڳو آهي ۽ پاڪستان قانوني، سفارتي ۽ معاهدي تي ٻڌل ميڪنزم ۽ عمل ذريعي پنهنجي حقن جو تحفظ جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي هفتيوار بريفنگ دوران هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته پاڪستان ڪشن گنگا ۽ رتلي هائيڊرو اليڪٽرڪ پراجيڪٽس جي حوالي سان ٽياڪڙي عدالت طرفان جاري ڪيل ضمني ايوارڊ جي آجيان ڪئي، ايوارڊ پاڪستان جي پراڻي موقف جي توثيق آهي ته معاهدو اولهندي دريائن تي ڀارت جي آبي ڪنٽرول جي صلاحيتن تي ڪافي حدن تائين لاڳو آهن، پاڪستان واضح ڪيو ته رن آف دي ريور منصوبن لاءِ آپريشنل مفروضه حقيقت پسنداڻي شاهدين تي ٻڌل ۽ فني انگن ۽ اکرن جي حمايت يافته هجڻ گهرجن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان سنڌ طاس معاهدو ۽ ان جي تڪرارن جي حل جي طريقيڪار تي مضبوطي سان عمل ڪري رهيو آهي ۽ معاهدي تحت پنهنجي حقن جو تحفظ ڪري ٿو. سنڌ طاس معاهدي جي حوالي سان هن چيو ته 15 مئي تي ڪورٽ آف آربٽريشن جي فيصلي پاڪستان جي موقف جي توثيق ڪئي آهي جنهن ۾ چيو ويو ته ڀارت کي اولهندي دريائن تي منصوبن ۾ محدود هجڻ ۽ فني گهرجن جو پابند ٿيڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان معاهدي تي مڪمل عملدرآمد ۽ پنهنجي حقن جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي. ترجمان چيو ته هي ايوارڊ پاڪستان جي ان پراڻي موقف جي تصديق ڪري ٿو ته هي معاهدو اولهه جي دريائن تي ڀارت جي آبي ڪنٽرول جي صلاحيتن تي ڪافي حدون لڳائي ٿو. ايوارڊز حتمي، پابند ۽ بعد جي معاهدي جي عمل لاءِ مستند آهن. پاڪستان انهن تشريحن کي نيوٽرل ايڪسپرٽ سامهون پيش ڪندو ۽ هي آءِ ڊبليو ٽي جي شقن موجب هوندو. اسان سنڌ طاس معاهدي، ان جي تڪرارن جي حل ۽ پاڻي بابت مسئلن جي طريقيڪار جي لاءِ مضبوطي سان پرعزم آهيون. پاڪستان معاهدي تحت پنهنجي حقن جو تحفظ جاري رکندو ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندو ته اولهه جي دريائن تي ڀارت جا منصوبا معاهدي جي ذميواري سان پوري طرح هڪجهڙائي رکن. ترجمان چيو ته سنڌ طاس معاهدي کي التوا ۾ رکڻ جو ڀارت جي دعويٰ قانوني بنيادن کانسواءِ آهي. هن چيو ته سنڌ طاس معاهدو بدستور لاڳو آهي ۽ پاڪستان قانوني، سفارتي ۽ معاهدي تي ٻڌل ميڪنزم ۽ عمل ذريعي پنهنجي حقن جو تحفظ جاري رکندو.











