سينيٽ چيئرمين پاران دارِعلي ابن ابي طالب يتيم خاني اسڪول جو دورو، فلاحي ۽ تعليمي خدمتن جي ساراهه

اسلام آباد-22 مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني اسلام آباد ۾ قائم دارِعلي ابن ابي طالب يتيم خاني اسڪول جو دورو ڪيو جتي هن تعليمي ۽ رهائشي سهولتن، ڪلاس رومز، ووڪيشنل ٽريننگ سينٽرز ۽ تفريحي ماڳن جو معائنو ڪيو، ان موقعي تي هن شاگردن، شاگردياڻين ۽ تدريسي عملي سان ملاقات ڪئي ۽ يتيم ٻارن کي ملندڙ تعليم، نگهداشت ۽ تربيت جي معيار کي ساراهيو. سينيٽ سيڪريٽريٽ …

اسلام آباد-22 مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني اسلام آباد ۾ قائم دارِعلي ابن ابي طالب يتيم خاني اسڪول جو دورو ڪيو جتي هن تعليمي ۽ رهائشي سهولتن، ڪلاس رومز، ووڪيشنل ٽريننگ سينٽرز ۽ تفريحي ماڳن جو معائنو ڪيو، ان موقعي تي هن شاگردن، شاگردياڻين ۽ تدريسي عملي سان ملاقات ڪئي ۽ يتيم ٻارن کي ملندڙ تعليم، نگهداشت ۽ تربيت جي معيار کي ساراهيو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين اداري جي انتظاميه ۽ استادن جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته يتيم ۽ معاشري جي ڪمزور طبقن سان تعلق رکندڙ ٻارن جي ڀلائي ۽ تعليم اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته معياري تعليم، فني مهارتن جي فراهمي ۽ سازگار ماحول ٻارن کي باصلاحيت ۽ خودمختيار شهري بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. دوري دوران سينيٽ چيئرمين کي اداري جي تعليمي، فلاحي ۽ تربيتي سرگرمين جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. هن ان سلسلي ۾ مسلم ورلڊ ليگ طرفان انساني خدمتن ۽ سماجي ڀلائي جي ميدان ۾ انجام ڏيندڙ خدمتن کي ساراهيو ۽ چيو ته اهڙا ادارا معاشري جي پٺتي پيل طبقن جي زندگين ۾ مثبت تبديلي آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.

مزید خبریں