حڪومت پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ اضافي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي: وزيراعظم شهباز شريف جي قطر جي وفد سان ملاقات ۾ ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد-22 مئي (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ اضفي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت سيڙپڪاري جي رستي ۾ رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويو آهي. انهن خيالن جو اظهار هن قطر جي تعمير گروپ جي باني محمد حسين آل علي جي قيادت ۾ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ …

اسلام آباد-22 مئي (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ اضفي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت سيڙپڪاري جي رستي ۾ رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويو آهي. انهن خيالن جو اظهار هن قطر جي تعمير گروپ جي باني محمد حسين آل علي جي قيادت ۾ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مطابق ملاقات ۾ نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزير احد خان چيما، عطاءُالله تارڙ، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار موجود هئا. وزيراعظم چيو ته قطر پاڪستان جو پراڻو دوست آهي جنهن هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو، حڪومت پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ اضافي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت سيڙپڪاري جي رستي ۾ رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي سياحت، هوٽلنگ ۽ هاسپيٽيلٽي ۽ ريئل اسٽيٽ ۽ اڏاوتن جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي وسيع صلاحيت موجود آهي. وزيراعظم لاڳاپيل اختايرين کي هدايت ڪئي ته گروپ کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان سهولت ۽ سهڪار فراهم ڪيو وڃي. تعمير گروپ جي باني گروپ پاران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ جاري منصوبن کان آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته تعمير گروپ پاڪستان ۾ هاسپيٽيلٽي ۽ هوٽلز، ريئل اسٽيٽ ۽ اڏاوتن جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکي ٿو ۽ ان حوالي سان ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي. محمد حسين آل علي پاڪستان ۾ گروپ پاران سيڙپڪاري ۾ اضافي ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. محمد حسين آل علي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ ملڪي ترقي ۽ واپار ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ اضافي لاءِ قدمن کي ساراهيو. هن چيو ته وزيراعظم جي قيادت ۾ حڪومت ايس آءِ ايف سي تحت سيڙپڪارن کي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ هاڪاري قدم کڻي رهي آهي.

مزید خبریں