اسلام آباد-22 مئي (اي پي پي) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن ۾ هاڪاري اڳڀرائي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ٻئي ملڪ تاريخي رابطن ۽ انتظامي گورننس جي گڏيل ورثي جا مالڪ آهن. اها ڳالهه هن پاڪستان جي دوري تي آيل بنگلاديش جي سينيئر سول سروس آفيسرن تي ٻڌل وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي، گورننس …
سڌ سماءُ جي وفاقي وزير سان بنگلاديش جي سينيئر سول سروس آفيسرن جي ملاقات، ٻه طرفن لاڳاپن ۾ هاڪاري اڳڀرائي جي آجيان ڪريون ٿا: عطاءُالله تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد-22 مئي (اي پي پي) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن ۾ هاڪاري اڳڀرائي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ٻئي ملڪ تاريخي رابطن ۽ انتظامي گورننس جي گڏيل ورثي جا مالڪ آهن. اها ڳالهه هن پاڪستان جي دوري تي آيل بنگلاديش جي سينيئر سول سروس آفيسرن تي ٻڌل وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي، گورننس جي نظام، انتظامي سڌارن ۽ ادارن جي صلاحيتن ۾ بهتري سميت مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. وزيراعظم جو خاص مددگار طارق فاطمي، سڌ سماءُ بابت وفاقي سيڪريٽري اشفاق احمد خليل ۽ ٻيا عملدار به ان موقعي تي موجود هئا. سڌ سماءُ جي وفاقي وزير وفد کي پاڪستان ۾ جاري سڌارن وارن قدمن ۽ حڪومتي پاليسين جي حوالي سان آگاهه ڪيو. هن پاڪستان ۽ بنگلاديش جي سول سروسز وچ ۾ ايگزيڪٽو ڊويلپمينٽ پروگرام کي تازن ڏهاڪن ۾ ٿيل اهم اڳڀرائي قرار ڏنو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ بنگلاديش تاريخي رابطن ۽ انتظامي گورننس جي گڏيل ورثي جا مالڪ آهن جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي ٻه طرفا لاڳاپن ۾ هاڪاري اڳڀرائي جي آجيان ڪريون ٿا، اهڙا رابطا گڏيل اعتماد ۽ تعميري تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيندا. هن چيو ته پاڪستان دوست ملڪن سان ادارن جي سطح تي سهڪار ۽ تجربن جي ڏي وٺ کي خاص اهميت ڏئي ٿو. هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ تربيتي ۽ صلاحيت وڌائڻ وارن ادارن وچ ۾ سهڪار، فيڪلٽي ايڪسچينج، گڏيل تحقيق ۽ تربيتي ماڊيولز جي تياري کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. وفاقي وزير سول سروس اڪيڊمي پاران پاڪستان بنگلاديش نالج ڪوريڊور تحت پروگرام کا ڪاميابي سان منعقد ٿيڻ کي به ساراهيو. بنگلاديشي سول سروس آفيسرن جي وفد پاڪستان جي انتظامي ڍانچي ۽ مختلف شعبن ۾ سڌارن وارن قدمن ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. ملاقات کي ٻه طرفا رابطن ۽ پيشيوراڻن تجربن جي ڏي وٺ جي حوالي سان هاڪاري ۽ تعميري قرار ڏنو ويو. ملاقات ۾ موجود وزيراعظم جي خاص مددگار طارق فاطمي پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ پيشيوراڻن رابطن ۽ ادارن وچ ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو ته خطي ۾ هم آهنگي ۽ گڏيل افهام تفهيم کي هٿي ڏيڻ لاءِ ٻه طرفا رابطا انتهائي اهم آهن. ان موقعي تي ڊائريڪٽر سي ٽي پي، سول سروس اڪيڊمي سيد شبير اڪبر زيدي وفد کي سول سروس اڪيڊمي جي مقصدن، جديد تربيتي نظام، ڪورس ماڊيولز، مطالعاتي پروگرامز ۽ صلاحيتن کي وڌائڻ جي مختلف قدمن تي جامع بريفنگ ڏني. وفد جي ميمبرن ۾ سلميٰ صديقه مهتاب، محمد مصطفيٰ جمال حيدر، ابو ريحان مياح، فيروز احمد، محمد منير الاسلام، توفيق امام، ريحان اختر، احتشام الحق، محمد شمس الحق، محمد عبدالسلام، ڊي الرحمان، ضيا احمد ثمن شامل هئا.











