نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس

اسلام آباد-22 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس ٿيو. نائب وزيراعظم جي آفيس مان جاري بيان موجب اجلاس ۾ سمورن صوبن ۽ خطن ۾ ترقياتي ترجيحن جي منظوري ڏني وئي جڏهن ته ان سان گڏوگڏ قومي ترقي جي قدمن کي مضبوط بڻائڻ ۽ انفرا اسٽرڪچر سميت سماجي شعبي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ تي ڌيان ڏنو …

اسلام آباد-22 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس ٿيو. نائب وزيراعظم جي آفيس مان جاري بيان موجب اجلاس ۾ سمورن صوبن ۽ خطن ۾ ترقياتي ترجيحن جي منظوري ڏني وئي جڏهن ته ان سان گڏوگڏ قومي ترقي جي قدمن کي مضبوط بڻائڻ ۽ انفرا اسٽرڪچر سميت سماجي شعبي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ويو. بيان موجب اهم قدمن ۾ ايم ايل ون جو تفصيلي ڊزائين، حويليان ڊرائي پورٽ، لواري ٽنل تائين پهچ جو ڪم، ٿرڪول ريل ڪنيڪٽيوٽي، ڪڇي ڪينال، خيبرپختونخوا جي آبپاشي نظام ۾ بهتري، جناح اسپتال اسلام آباد، سنڌ هيومن ڪيپيٽل 1000 ڊيز پروگرام، سنڌ فلڊ ري هيبيليٽيشن سپورٽ ۽ دياميرڀاشا جا انتظام شامل آهن، نائب وزيراعظم اجلاس دوران بنيادي ڍانچي جي ترقي، بهتر عوامي خدمتن، علائقائي توازن ۽ ڊگهي مدي جي اقتصادي ريزيلينسن تي حڪومت جو مسلسل ڌيان جو ورجاءُ ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي واري وزير، پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ واري وفاقي وزير، پنجاب جي رٿابندي واري وزير، سنڌ جي آبپاشي کاتي جي وزير، وزيراعظم جي خاص مددگار طارق باجوه، اقتصادي معاملن واري سيڪريٽري، صحت واري سيڪريٽري، پاڻي واري سيڪريٽري، پلاننگ جي سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل وزارتن جي سينئر عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں