اسلام آباد-22 مئي (اي پي پي) پاور ڊيوزن جي ترجمان حڪومتي سبسڊي اسڪيم جي نالي تي وڌندڙ آن لائن فراڊ جي خدشن کي نظر ۾ رکندي بجلي صارفين کي جعلي ڪيو آر ڪوڊز ۽ شڪي لنڪس کان محتاط رهڻ جي هدايت ڪندي واضح ڪيو آهي ته صارفين جي معلومات حاصل ڪرڻ جو اهڙو ڪو طريقيڪار قانوني ناهي. جمعي تي پاور ڊويزن پاران جاري ايڊوائزري ۾ صارفين لاءِ جاري نئين ايڊوائزري …
پاور ڊيوزن جي ترجمان آن لائن فراڊ جي خدشن کي نظر ۾ رکندي بجلي صارفين کي جعلي ڪيو آر ڪوڊز ۽ شڪي لنڪس کان محتاط رهڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد-22 مئي (اي پي پي) پاور ڊيوزن جي ترجمان حڪومتي سبسڊي اسڪيم جي نالي تي وڌندڙ آن لائن فراڊ جي خدشن کي نظر ۾ رکندي بجلي صارفين کي جعلي ڪيو آر ڪوڊز ۽ شڪي لنڪس کان محتاط رهڻ جي هدايت ڪندي واضح ڪيو آهي ته صارفين جي معلومات حاصل ڪرڻ جو اهڙو ڪو طريقيڪار قانوني ناهي. جمعي تي پاور ڊويزن پاران جاري ايڊوائزري ۾ صارفين لاءِ جاري نئين ايڊوائزري ۾ حڪومتي سبسڊي جي آڙ ۾ آن لائن فراڊ کان خبردار ڪندي جعلي ڪيو آر ڪوڊز ۽ شڪي لنڪس ذريعي صارفين جي معلومات چوري ڪرڻ جو خدشو آهي. ايڊوائزري ۾ چيو ويو آهي ته صارفين کي هڪ خاص لنڪ تي ڪلڪ ڪري چئن مرحلن ۾ معلومات شيئر ڪرڻ بعد ان ئي لنڪ تي 6 ڊجٽ وارو ڪوڊ داخل ڪرڻ جو چيو ويندو آهي، اڪثر عنصر ڪيو آڙ ڪوڊ استعمال ڪري پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ چاهن ٿا، بل کان علاوه لاڳاپيل معلومات ڪنهن ٻئي پليٽ فارم تي داخل نه ٿي ٿي سگهي، معلومات داخل ڪرڻ جو اهو طريقو غلط ۽ غير قانوني آهي. هن چيو ته ڏوهاري عنصرن بابت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي آگاهه ڪيو ويو آهي، بجلي صارفين سبسڊي لاءِ ڊيجيٽل يا ڪاغذ تي معلومات داخل نه ڪن.











