سڄي ملڪ جي 79 مخصوص ضلعن ۾ پوليو روڪٿام مهم جو پنجون ڏينهن جاري

اسلام آباد- 22 مئي (اي پي پي) اين اي او سي چيو آهي ته شروعاتي چئن ڏينهن دوران هن وقت تائين سڄي ملڪ جي 79 مخصوص ضلعن ۾ پوليو روڪٿام مهم ۾ هڪ ڪروڙ 74 لک کان وڌيڪ ٻارن جي ويڪسينيشن مڪمل ڪئي وئي آهي. نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر (اين اي او سي) پاران جاري تفصيل مطابق 79 ضلعن ۾ پوليو روڪٿام مهم 18 کان 24 مئي تائين جاري رهندي، …

اسلام آباد- 22 مئي (اي پي پي) اين اي او سي چيو آهي ته شروعاتي چئن ڏينهن دوران هن وقت تائين سڄي ملڪ جي 79 مخصوص ضلعن ۾ پوليو روڪٿام مهم ۾ هڪ ڪروڙ 74 لک کان وڌيڪ ٻارن جي ويڪسينيشن مڪمل ڪئي وئي آهي. نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر (اين اي او سي) پاران جاري تفصيل مطابق 79 ضلعن ۾ پوليو روڪٿام مهم 18 کان 24 مئي تائين جاري رهندي، پوليو مهم دوران اٽڪل هڪ ڪروڙ 90 لک ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا پيا وڃن ۽ ان سلسلي ۾ هڪ لک 63 هزار پوليو ورڪرز گهر گهر وڃي ٻارن کي معذوري کان محفوظ بڻائڻ جي مشن ۾ مصروف آهن. اين اي او سي مطابق پنجاب ۾ اٽڪل 55 لک 36 هزار ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويا آهن. سنڌ ۾ 56 لک 51 هزار کان وڌيڪ ٻارن، خيبرپختونخوا ۾ اٽڪل 40 لک 84 هزار ٻارن، بلوچستان ۾ 17 لک 63 هزار کان وڌيڪ ٻارن ۽ اسلام آباد ۾ 4 لک 35 هزار کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويا آهن. نيشنل اي او سي جو چوڻ آهي ته پوليو هڪ لاعلاج بيماري آهي جيڪا ٻارن کي سڄي زندگي لاءِ معذور ڪري سگهي ٿي ان ڪري ٻارن کي ان بيماري کان بچائڻ لاءِ پوليو ورڪرز سان سهڪار ڪن ۽ پنهنجن 5 سالن تائين جي هر ٻار کي هر پوليو مهم دوران ڦڙا  لازمي پيارن، پوليو ٽيم سان رابطي لاءِ 1166 تي ڪال ڪريو يا 03467776546 تي واٽس ايپ پيغام موڪليو وڃي.

مزید خبریں