راولپنڊي-22 مئي (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس ملڪ جي مختلف شهرن ۾ منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون ۾ 3 ڪارروائين دوران 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري 2 ڪروڙ 33 لک روپين کان وڌيڪ ماليت جي 21.64 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪري ورتي. اي اين ايف جي ترجمان مطابق سيالڪوٽ تي دبئي ويندڙ مسافر جي بيگ مان 1.040 ڪلوگرام آئس هٿ ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو. علامه اقبال ايئرپورٽ جي …
اينٽي نارڪوٽڪس فورس پاران منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون، 2 ڪروڙ 33 لک روپيا ماليت جي منشيات هٿ

مزید خبریں
راولپنڊي-22 مئي (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس ملڪ جي مختلف شهرن ۾ منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون ۾ 3 ڪارروائين دوران 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري 2 ڪروڙ 33 لک روپين کان وڌيڪ ماليت جي 21.64 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪري ورتي. اي اين ايف جي ترجمان مطابق سيالڪوٽ تي دبئي ويندڙ مسافر جي بيگ مان 1.040 ڪلوگرام آئس هٿ ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو. علامه اقبال ايئرپورٽ جي ڪارگو شيڊ ۾ برطانيا ويندڙ پارسل ۾ ليڊيز گارمينٽس مان 17.6 ڪلوگرام هيروئن جڏهن ته حيدرآباد ويجهو موٽر سائيڪل سوار جوابدار جي قبضي مان 3 ڪلوگرام چرس هٿ ڪيو ويو. هن چيو ته ڪارروائين جو منشيات روڪٿام ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري جاچ جي شروعات ڪئي وئي آهي.











