غزه امدادي فلوٽيلا، اسرائيلي ملڪ بدري بعد ڪارڪنن جو پهريون گروپ ترڪيه پهچي ويو

انقره-22 مئي (اي پي پي)اسرائيل پاران غزه ويندڙ امدادي فلوٽيلا (سامونڊي قافلي) مان حراست ۾ ورتل سمورن پرڏيهي سرگرام ڪارڪنن کي ملڪ بدر ڪرڻ کانپوءِ، انهن جو پهريون گروپ ترڪيه پهچي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها اڳڀرائي هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي جڏهن حراست دوران ڪارڪنن سان ڪيل سلوڪ تي عالمي سطح تي شديد ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو پيو وڃي. فلسطيني علائقي غزه جي ناڪه …

انقره-22 مئي (اي پي پي)اسرائيل پاران غزه ويندڙ امدادي فلوٽيلا (سامونڊي قافلي) مان حراست ۾ ورتل سمورن پرڏيهي سرگرام ڪارڪنن کي ملڪ بدر ڪرڻ کانپوءِ، انهن جو پهريون گروپ ترڪيه پهچي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها اڳڀرائي هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي جڏهن حراست دوران ڪارڪنن سان ڪيل سلوڪ تي عالمي سطح تي شديد ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو پيو وڃي. فلسطيني علائقي غزه جي ناڪه بندي ٽوڙڻ جي تازي ڪوشش دوران سومر تي سمنڊ ۾ روڪڻ کانپوءِ سڄي دنيا جي مختلف ملڪن سان تعلق رکندڙ ڪيترن ئي ڪارڪنن کي اسرائيل ۾ نظربند ڪيو ويو هو. ترڪيه جي پرڏيهي وزارت مطابق 85 ترڪ شهرين سميت 422 ڪارڪنن کي انقره پاران چارٽرڊ جيل ٽن جهازن ذريعي ڏکڻ اسرائيل مان روانو ڪيو ويو. فريڊم فلوٽيلا انهن اڏامن جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ٻين ڪيترن ئي ڪارڪنن کي سڌي ريت سندن اباڻن ملڪن ڏينهن موڪليو ويو آهي.

مزید خبریں