ايران خلاف فوجي آپريشن دوران آمريڪي هٿياربند فوج جا 20 سيڪڙو ايم ڪيو-9 ريپر ڊرونز استعمال ٿي چڪا آهن: رپورٽ

نيويارڪ-22 مئي (اي پي پي)ايران خلاف فوجي آپريشن دوران آمريڪي هٿياربند فوج جا 20 سيڪڙو ايم ڪيو-9 ريپر ڊرونز استعمال ٿي چڪا آهن. ان هڪ ڊرون جي قيمت 30 ملين آمريڪي ڊالر آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق فيبروري جي آخر ۾ ايران تي حملو شروع ٿيڻ کانپوءِ کان ايران ٻه درجن کان وڌيڪ ايم ڪيو-9 ريپر ڊرونز کي تباهه ڪري ڇڏيو، جيڪي جنگ شروع ٿيڻ کان اڳ پينٽاگون جي اثاثن جو …

نيويارڪ-22 مئي (اي پي پي)ايران خلاف فوجي آپريشن دوران آمريڪي هٿياربند فوج جا 20 سيڪڙو ايم ڪيو-9 ريپر ڊرونز استعمال ٿي چڪا آهن. ان هڪ ڊرون جي قيمت 30 ملين آمريڪي ڊالر آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق فيبروري جي آخر ۾ ايران تي حملو شروع ٿيڻ کانپوءِ کان ايران ٻه درجن کان وڌيڪ ايم ڪيو-9 ريپر ڊرونز کي تباهه ڪري ڇڏيو، جيڪي جنگ شروع ٿيڻ کان اڳ پينٽاگون جي اثاثن جو اٽڪل 20 سيڪڙو بڻجن ٿا. رپورٽ مطابق هڪ ايم ڪيو-9 ڊرون جي قيمت 30 ملين ڊالر آهي. اهي ڊرونز اعليٰ طاقت واري سينسر ۽ ڪيمرائن سان ليس آهن ۽ اهي هيل فائر ميزائل ۽ (جوائنٽ ڊائريڪٽ اٽيڪ ميونيشن) گائيڊڊ بم کڻي وڃي سگهن ٿا. رپورٽ ۾ اهو اندازو به لڳايو ويو آهي ته اهڙا ڊرونز جن کي جزوي نقصان پهتو، انهن کي به شامل ڪيو وڃي ته ايران سان جنگ دوران ضايع ٿيل ڊرونز جو ڪل انگ 30 تائين ڇپهچي سگهي ٿو. رپورٽ ۾ ايم ڪيو-9 ريپر ڊرون جي مجموعي نقصان جو اندازو هڪ بلين ڊالر لڳايو ويو آهي.

مزید خبریں