واشنگٽن-22 مئي (اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته آمريڪا پولينڊ ۾ وڌيڪ 5 هزار فوجي مقرر ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق صدر ٽرمپ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ٽروٿ سوشل“ تي جاري بيان ۾ چيو ته پولينڊ جي نئين چونڊيل صدر ڪارول ناورو جي ڪاميابي ۽ هن سان بهتر لاڳاپن جي بنياد تي اهو فيصلو ڪيو ويو آهي. اهو اعلان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن گذريل …
آمريڪا پاران پولينڊ ۾ وڌيڪ 5 هزار فوجي موڪلڻ جو اعلان
واشنگٽن-22 مئي (اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته آمريڪا پولينڊ ۾ وڌيڪ 5 هزار فوجي مقرر ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق صدر ٽرمپ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ٽروٿ سوشل“ تي جاري بيان ۾ چيو ته پولينڊ جي نئين چونڊيل صدر ڪارول ناورو جي ڪاميابي ۽ هن سان بهتر لاڳاپن جي بنياد تي اهو فيصلو ڪيو ويو آهي. اهو اعلان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن گذريل هفتي آمريڪي دفاع واري کاتي (پينٽاگون) 4 کان وڌيڪ آمريڪي فوجين جي پولينڊ روانگي رد ڪري ڇڏي هئي. پينٽاگون مطابق يورپ ۾ آمريي بريگيڊ ڪومبيٽ ٽيمن جو انگ 4 مان گهٽائي 3 ڪيو ويو آهي، جنهن سبب پولينڊ ۾ فوجي مقرري ۾ عارضي دير ٿي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽس مطابق هن وقت يورپ ۾ اٽڪل 80 هزار آمريڪي فوجي موجود آهن، جن مان اٽڪل 10 هزار پولينڊ ۾ مقرر آهن. ٻئي پاسي پينٽاگون اڳ ئي اعلان ڪري چڪو آهي ته ايندڙ 6 کان 12 مهينن دوران جرمني مان اٽڪل 5 هزار آمريڪي فوجين کي واپس گهرايو ويندو.












