ماسڪو-22 مئي (اي پي پي)روس پنهنجي ايٽمي مشقن دوران نئين سپر سانڪ بيليسٽڪ ميزائلن جو ڪامياب تجربو مڪمل ڪري ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو اعلان روسي دفاع واري وزارت ڪيو آهي. روس جي صدر ولاديمير پيوٽن هڪ ڏينهن اڳ چين جو انتهائي اهم دورو ڪيو آهي. روس جي صدر چين جو اهو دورو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي چين جي دوري کان رڳو ٻن ڏينهن کانپوءِ ڪيو، روس ايران …
روس پاران نئين هائپر سانڪ ميزائلن جو ڪامياب تجربو
ماسڪو-22 مئي (اي پي پي)روس پنهنجي ايٽمي مشقن دوران نئين سپر سانڪ بيليسٽڪ ميزائلن جو ڪامياب تجربو مڪمل ڪري ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو اعلان روسي دفاع واري وزارت ڪيو آهي. روس جي صدر ولاديمير پيوٽن هڪ ڏينهن اڳ چين جو انتهائي اهم دورو ڪيو آهي. روس جي صدر چين جو اهو دورو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي چين جي دوري کان رڳو ٻن ڏينهن کانپوءِ ڪيو، روس ايران جو اسٽريٽجڪ اتحادي خيال ڪيو ويندو آهي، ايران خلاف آمريڪي ۽ اسرائيلي جنگ، عارضي جنگ بندي ۽ مستقل جنگي ڌمڪين جي وڪوڙ ۾ آهي. روس جي دفاع واري وزارت مطابق روسي فوج گذريل ڏينهن يارس بيليسٽڪ ميزائل جو تجربو ڪيو ۽ زرڪون هائپر سانڪ ميزائلن جو تجربو به ڪيو. اهو تجربو روسي ايٽمي مشقن جي حصي طور ڪيو ويو آهي.












