افغانستان جي وقتي نمائندي طالبان رجيم پاران گڏيل قومن ۾ سيٽ جي دعويٰ رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد-22 مئي (اي پي پي)گڏيل قومن ۾ وقتي افغان نمائندي نصير احمد فائق طالبان رجيم جي دعويٰ کي سختي سان رد ڪندي ان کي دهشتگرد، غير قانوني ۽ عوام دشمن قرار ڏئي ڇڏيو. افغانستان جي وقتي نمائندي طالبان رجيم جي گڏيل قومن ۾ سيٽ جي دعويٰ کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو. سماجي رابطي جي ويب سائٽ ايڪس تي طالبان رجيم تي تنقيد ڪندي وقتي افغان نمائندي چيو ته …

اسلام آباد-22 مئي (اي پي پي)گڏيل قومن ۾ وقتي افغان نمائندي نصير احمد فائق طالبان رجيم جي دعويٰ کي سختي سان رد ڪندي ان کي دهشتگرد، غير قانوني ۽ عوام دشمن قرار ڏئي ڇڏيو. افغانستان جي وقتي نمائندي طالبان رجيم جي گڏيل قومن ۾ سيٽ جي دعويٰ کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو. سماجي رابطي جي ويب سائٽ ايڪس تي طالبان رجيم تي تنقيد ڪندي وقتي افغان نمائندي چيو ته گڏيل قومن ۾ نمائندگي انهن حڪومتن جو آئيني ۽ جائز حق آهي جيڪي عوامي خواهشن جي بنياد تي اقتدار ۾ آيون هجن. هن چيو ته گذريل 5 سالن ۾ طالبان رجيم افغان عوام جا جائز مطالبا مڃيا ۽ نه ئي عالمي برادري جي پرواهه ڪئي. هن چيو ته عالمي دهشتگرد گروپن جي سرپرستي ۽ حمايت سان افغانستان ۽ خطي ۾ امن امان جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي آهي. افغانستان ۾ ڪو جائز قومي نظام موجود ناهي، ڪرپشن، بيروزگاري، ٽارگٽ ڪلنگ ۽ دهشتگردي بلند ترين سطح تي پهچي چڪي آهي.

مزید خبریں